Book Name:10 Muharaam Ki Barakaat

گناھ ڪرڻ جو عذاب به گھڻو آهي، پر افسوس! اڄڪلھ علمِ دين کان دُوري ۽ جهالت جي ڪري هن ڏينهن کي به اسان عام ڏينهن جيان غفلت ۽ فضوليات سان گڏوگڏ گناهن ۾ گذاريون ٿا، نه نيڪ عملن جو ڪو فڪر هوندو آهي نه هن ڏينهن جي تعظيم جي، بلڪه هر طرف بي پردگي جا نظارا هوندا آهن، ڪٿي گھٽين بازارن ۾ ته ڪٿي قبرستان ۾ بي پرده عورتون گھمي رهيون هونديون آهن ۽ هڪ تعداد آهي جيڪا بدنگاهي جي گناهه ۾ به وڃي پوندي آهي، اهڙي طرح 10 محرم الحرام تي ڪجهه گھرن ۾ طرح طرح جون خرافات ۽ فضول رسم و رواج ۾ قيمتي وقت ضايع ڪيو ويندو آهي، اچو! محرم الحرام ۽ خاص ڪري يومِ عاشوراء ۾ ڪيون ويندڙ برائين ۽ فضول رسمن بابت ٻڌون ٿا:

گھر ۾ کاڌو نه بنائڻ

      10 محرم الحرام تي ڪي عورتون گھر ۾ ماني نه پچائينديون آهن ۽ نه ئي گھر جي صفائي سٿرائي ڪنديون آهن ۽ نه ئي ٻھارو ڏينديون آهن ۽ ڪي ته اهڙيون آهن جو پورا ڏھ ڏينهن گھر ۾باھ نه ٻارينديون آهن ۽ باھ ٻارڻ کي ناجائز ۽ حرام سمجھنديون آهن، ڏھ ڏينهن گذري وڃڻ کان پوءِ کاڌو بنائينديون آهن۔

      ياد رکو! اسان جي دينِ اسلام ۾ انهن باطل رسمن جي ڪا حيثيت ناهي، ڇوته اسلام اهڙو دين آهي جيڪو اڳوڻن ۽ موجوده تمام باطل، بيهوده ۽ واهيات رسمن کي ختم ڪندو آهي۔ نيڪيون ڪرڻ ۽ شريعتِ مُطهره تي عمل جي ترغيب ڏياري ٿو، پر افسوس صد افسوس! اڄڪلھ اهي خلافِ شرع رسمون اسان جي معاشري ۽ گھرن ۾ وڏي زور و شور سان ڦهلجنديون پيون وڃن، اسان مان ڪيئي انهن رسمن ۾ ملوّث آهن ۽ پنهنجي ماء، ڀيڻ، گھرواريء، ڌيءُ ۽ ننهن کي انهن خرافات ۾ ملوّث (Involved) ڏسي ڪري به پريشان ناهن ٿيندا ۽ نه ئي انهن رسمن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ جڏهن ڪو دين جو درد رکڻ وارو اسلامي ڀاء اسان کي نيڪي جي دعوت ڏي ۽ سمجھائي ته اهي رسمون ته جائز نه آهن ته انهن تي غصي ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو ويندو آهي ۽ انهن کي اهو چئي خاموش ڪرايو ويندو آهي ته توهان ته ڪل جا ٻار آهيو، توهان ته هاڻي پڙھڻ لکڻ سکيو آهي۔ توهان کي