Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

۽ ڀائپي جا نظارا عام هجن ها۔

اچو! لڙائي جھيڙن جي تباھ ڪارين تي مُشتَمِل چار (4) فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو ۽ عبرت جا مَدَني گل حاصل ڪريو:

جھيڙي جھٽي جي مذمت تي 4 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

(1) فرمايائون: ٻانهو اِيمان جي حقيقت ۾ ان وَقت تائين ڪمال کي نٿو پهچي سگھي، جيستائين هو حق تي هئڻ جي باوُجود جھيڙو نه ڇڏي۔      (موسوعة ابن ابي الدنيا، ڪتاب الصمت ،۷/ ۱۰۱، حديث : ۱۳۹)

(2) فرمايائون: جيڪو شخص اجايو جھيڙو ڪندو آهي، اهو هميشه الله پاڪ جي ناراضي ۾ هوندو آهي، ايستائين جو ان کي ڇڏي ڏي۔ (موسوعۃ لابن ابي الدنيا، ڪتاب الصَّمْت وآداب اللِّسان، باب ذم الخصومات،۷/۱۱۱، حديث: ۱۵۳)

(3) فرمايائون: ڪا قوم هدايت تي رهڻ بعد گمراھ ناهي ٿيندي پر جھيڙن جي سبب ۔               (ترمذي ، ڪتاب التفسير، باب ومن سورة الزخرف،۵/ ۱۷۰،حديث :۳۲۶۴)

(4) فرمايائون: الله پاڪ وٽ سڀ کان ناپسنديده شخص اهو آهي، جيڪو تمام گھڻو جھيڙاڪ هجي۔  (بخاري، ڪتاب المظالم، باب قول اﷲ تعالي:وهو الد الخصامِ،۲/ ۱۳۰،حديث:۲۴۵۷)

جڏهن ته جيڪو شخص جھيڙو نه ڪري ان جي باري ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: جيڪو غلطي تي هوندي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏي ان جي لاءِ جنت جي ڪناري تي هڪ گھر بڻايو ويندو ۽ جيڪو حق تي هئڻ باوجود جھيڙو ڇڏي ڏي ان جي لاءِ جنت جي وچ ۾ هڪ گھر بڻايو ويندو۔               (ترمذي ، ڪتا ب البروالصلۃ ، باب ماجاء في المراء ، حديث:۲۰۰۰ ، ۳ /۴۰۰)

اچو! اسان نيت ڪيون ته آئنده ڪڏهن به لڙائي جھيڙي ۾ نه پونداسين ۽ هميشه شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري صلح صفائي جي ڪوشش ڪنداسين۔ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي هڪ شعر جي ذريعي ڪيتري پياري نصيحت فرمائن ٿا

کوئی دُھتکارے یا جھاڑے بلکہ مارے صَبْر کر                                                                    مَت جھگڑ ،مت بَڑبَڑا ، پا اَجر ربّ سے صَبْر کر