Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

پئي ته پاڻ وڏي تيزي سان ميدانِ جنگ پهتا، ڌرين کي روڪي فرمايائون: مان توهان جي وچ ۾ موجود آهيان ۽ توهان جاهليت جي جنگ وڙهڻ وڃي رهيا آهيو؟

پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نصيحت ٻڌي ٻنهي سمجھي ورتو ته اها شيطاني چال ۽ يهودين جي سازش هئي، پوءِ ٻنهي توبه ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي ڳلي لڳايو ۽ محبت سان پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رهنمائي ۾ واپس پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن اچي ويا۔

دنیا کے جھگڑوں سے یکسر چھڑا کر                                      غیروں کی اُلفت کو دِل سے مٹا کر

شاہِ والا مجھے اپنا بنالو                                                          اپنا بنالو مجھے اپنا بنالو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوس ۽ خزرج جي هن داستان مان ٻه مدني گل حاصل ٿيا۔ هڪ مدني گل اهو مليوته جڏهن به ڪٿي لڙائي جھيڙي جي باھ ٻرڻ لڳي ته هڪ سچي ۽ سٺي مسلمان جو ڪم آهي ته پنهنجي ڪريم آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نقشِ قدم تي هلندي لڙائي جھيڙي جي باھ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪري۔ جڏهن ته صلح صفائي جي نالي تي هتي جي ڳالھ هُتي ڪرڻ، گڏوگڏ مرچ مصالحو به شامل ڪرڻ، پاڻ ۾ تڪرار کي ويتر هوا ڏيڻ ۽ لڙائي جھيڙي جو خواهشمند رهڻ اهو شيطان ۽ ان جي ساٿين جو طريقو آهي۔

ٻيو مدني گل اهو به حاصل ٿيو ته لڙائي جھيڙو امن جي فضا کي خراب ڪرڻ سان گڏوگڏ ڌرين کي ڪمزور ڪندو ۽ انهن کي معاشي ۽ معاشرتي نقصان ۾ مبتلا ڪندو آهي۔ جيئن ته اوس ۽ خزرج جا قبيلا جڏهن جنگ ڪندا ها ته انهن جو مال به ضائع ٿيندو هو، جانيون به ضائع ٿينديون هيون جڏهن ته ملندو ڪجھ به نه هو بلڪ اهي بيحد ڪمزور ٿي ويندا ها۔ لڙائي جھيڙي جي انهن نقصانن جي پيشِ نظر چيو ويندو آهي ته جھيڙو جھٽو شيطاني ڪم آهي۔ شيطان ئي هن ڪوشش ۾ رهندو آهي ته ڪنهن نموني لڙائي جھيڙي جي باھ ٻاري، جيئن ته شيطان جي هن خطرناڪ وار سان خَبردار ڪندي سيپاري