Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                                  اے دعوتِ اِسلامی تِری دُھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

غيبت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو اسان ناچاقي رنجش جي سببن ۽ انهن جي تباھ ڪارين بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ ياد رهي! ناچاقي جو هڪ سبب غيبت به آهي۔ غيبت ان کي چئبو آهي جو انسان جي ڪنهن اهڙي عيب جو ذِڪر ڪرڻ، جيڪا ان ۾ موجود هجي ته غيبت آهي، هاڻي اهو عيب چاهي ان جي دين، دنيا، ذات، اَخلاق، مال، اولاد، زال، خادِم، عِمامي، لباس، چُر پُر، مسڪراهٽ، ديوانگي وغيره ڪنهن به اهڙي شيء ۾ هجي، جيڪا ان سان تعلق رکي ٿي۔ بدن ۾ غيبت جا مثال: انڌو، لنگڙو، گنجو، بِندرو، ڊگھو، ڪارو ۽ ڦڪو وغيره چوڻ۔ دين ۾ غيبت جا مثال: فاسِق، چور، خائن، ظالم، نَماز ۾ سُستي ڪرڻ وارو، ۽ والِدَين جو نافرمان وغيره چوڻ۔ وڌيڪ اڳتي لکن ٿا: چيو ويندو آهي: غيبت ۾ کجور جھڙي مٺاڻ ۽ شراب جهڙي تيزي ۽ سرور آهي۔ الله ڪريم هن آفت کان اسان جي حفاظت فرمائي ۽ اسان جي طرفان غيبت وارن جا حق پنهنجي فضل و ڪرم سان پاڻ ئي ادا فرمائي ڇوته ان رب ڪريم جي علاوه انهن کي ڪو شمار نٿو ڪري سگھي۔      (اَلزَّواجِر،۲ / ۲۴،۲۵)

ياد رکو! ٭ غيبت جي ڪري خوشحال گھر اُجڙي ويندا آهن، ٭ غيبت جي سبب سالن جون دوستيون ختم ٿي وينديون آهن، ٭ غيبت جي ڪري رشتا ٽٽي پوندا آهن، ٭ غيبت ايمان کي ڪپي ڇڏيندي آهي۔ ٭ غيبت بُري خاتمي جو سبب آهي۔ ٭ ڪثرت سان غيبت ڪرڻ واري جون دعائون قبول ناهن ٿينديون، ٭ غيبت سان نَماز روزي جي نورانيت ختم ٿي ويندي آهي۔ ٭ غيبت سان نيڪيون برباد ٿينديون آهن۔ ٭ غيبت نيڪيون ساڙي ڇڏيندي آهي۔ ٭ غيبت ڪرڻ وارو توبه ڪري تڏهن به سڀ کان آخِر ۾ جنَّت ۾ داخِل ٿيندو۔ ٭ غيبت ڪرڻ وارو قيـامت ۾ ڪُتي جي شڪل ۾اٿندو ٭ غيبت ڪرڻ وارو جهنّم جو بـَاندَر هوندو ٭ غيبت ڪرڻ واري کي دوزخ ۾ پنهنجو ئي گوشت کائڻو پوندو ۽ ٭ قرآنِ ڪريم ۾ غيبت ڪرڻ کي مُرده ڀاءُ جو گوشت