Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

ڪجھ ماڻهن جي ڪاوڙ دل ۾ لڪيل هوندي آهي ۽ سالن تائين ختم ناهي ٿيندي ۽ انهيءَ ڪاوڙ جي ڪري هو هڪٻئي جي شادين ۽ غمين ۾ شرڪت ناهن ڪندا۔ ڪجھ ماڻهو بظاهر نيڪ نظر ايندا آهن پوءِ به غُصّو دل ۾ لڪائي رکندا آهن، ان جو اظهار هن طرح ڪندا آهن جو جيڪڏهن پهريان ان تي اِحسان ڪندا هئا ته هاڻي نه ڪندا، هاڻي ان سان حُسنِ سُلوڪ سان پيش نه ايندا، نه همدردي جو مُظاهرو ڪندا آهن، جيڪڏهن ان ڪو اجتِماعِ ذڪرونعت وغيره جو اِهتِمام ڪيو ته مَعاذَاللّٰه صرف نفس جي خاطر ٿيندڙ ناراضي ۽ غُصي جي ڪري ان ۾ شرڪت کان پنهنجو پاڻ کي محروم ڪندا آهن۔ ڪجھ رشتيدار اهڙا به هوندا آهن جو ان سان ماڻهو چاهي ڪيترو به سٺو سُلوڪ ڪري پر پوءِ به اهي ناهن سڌرندا، بهرحال اسان کي مايوس نه ٿيڻ گھرجي۔ ”جامِعِ صغير“ ۾ آهي:صِلْ مَنْ قَطَعَڪ يعني ”جيڪو توسان رشتو ٽوڙي تون ان سان ڳنڍ۔“ (جامع صغير،ص۳۰۹، حديث:۵۰۰۴)

اچو! اسان نيت ڪريون ٿا ته آئنده بلاوجھ غصو نافذ ڪرڻ کان بچڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين۔

سُن لو نقصان ہی ہوتا ہے بِالآخِر ان کو

نفس کے واسِطے غُصّہ جو کیا کرتے ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

چغلي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! چغلي به هڪ اهڙي منحوس بيماري  آهي جيڪا کوڙ شين جي تباهي ۽ بربادي ۽ پاڻ ۾ رنجشن جو سبب بڻجندي آهي۔

چغلي ڇا کي چئبو آهي ؟

امام نَوَوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان منقول آهي: ڪنهن جي ڳالھ نقصان پهچائڻ جي ارادي سان ٻئي تائين پهچائڻ چُغلي آهي۔ (عمدۃ القاري،۲/۵۹۴، تحت الحديث: ۲۱۶)