Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

ماڻهن جي وچ ۾ فساد وجھڻ جي لاءِ هڪ جي ڳالھ ٻئي تائين پهچائڻ کي چغلي چئبو آهي۔ (الزواجر عن اقتراف الڪبائر، الباب الثاني، الڪبيرۃ الثانيۃ والخمسون بعد المأتين: النميمۃ، ۲/۴۶)

چغلي جون مثالون

مثال طور ڪنهن طالب علم جو پنهنجي ساٿيءَ کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ استاد کان شڪايت ڪرڻ، زال مڙس جي وچ ۾ رنجشون پيدا ڪرڻ جي خاطر انهن جي سامهون هڪ ٻئي جون ڪمزوريون بيان ڪرڻ، ڀاءُ کي ڀاءُ سان وڙهائڻ جي لاءِ ان جا عيب ظاهر ڪرڻ، اولاد کي ماءُ پيءُ سان پري ڪرڻ جي لاءِ انهن ۾ موجود برائين جو ذڪر ڪرڻ وغيره وغيره. هي سڀ مثالون موقع مناسبت سان چغلي ۾ شامل ٿينديون.  

چغل خوري جون تباهه ڪاريون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس تمام گهڻو افسوس! اڄ اسان جي معاشري ۾ چغليءَ جو مرض تيزي سان عام ٿيندو پيو وڃي۔ پهريان جي ماڻهن ۾ احترامِ مسلم جو جذبو گھڻو موجود هو ۽ هر مسلمان ٻي مسلمان ڀاءُ جي عزت جي حفاظت ڪندو هو پر افسوس! هاڻي هر پاسي نفرتن جون ديوارون قائم ٿي چڪيون آهن۔ چغلي جي هن تباھ ڪندڙ بيماري جي سبب ڄڻ ته گھر گھر ميدانِ جنگ بڻيل آهي، ڪالھ تائين جيڪي هڪ ٻئي تي جان قربان ڪرڻ جي دعويٰ ڪندا هئا، جيڪي هڪ ٻي جي عزّت جي حفاظت ڪرڻ وارا هئا، جن جي دوستي ۽ انهن جي اِتِّفاق ۽ اِتِّحاد جا مثال ڏنا ويندا هئا، جن کي هڪ ٻي جي خلاف هڪ لفظ ٻڌڻ به پسند نه هو، جيڪي هڪ ٻئي جي بغير کاڌو تائين نه کائيندا هئا، جيڪي بُري وَقت ۾ هڪ ٻئي جي ڪم ايندا هئا، جيڪي هڪ ٻئي کي نيڪي جي ڪمن جون ترغيبون ڏياريندا هئا، چغل خوري جهڙي مَنحوس شيطاني ڪم جي نَحوست جي سبب اُنهن جي وچ ۾ نفرتن جون اهڙيون ته مضبوط ديوارون قائم ٿي وينديون آهن جو پوءِ اهي هڪٻئي کي ڏسڻ به پسند ناهن ڪندا، ائين سمجھو ته جھڙي طرح باھ گھرن، فيڪٽرين، ڪمپنين، گودامن، جنگلن، ڳوٺن، ۽ مختلف شين کي ڪلاڪن بلڪ مِنٽن ۾ ساڙي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي، اهڙي طرح نسل، قومن، گھرن، خاندانن، ادارن، تنظيمن ۽ تحريڪن جو اَمن خراب ڪرڻ ۽ دلين ۾ نفرتون