Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

۾ صُلح ڪرائيندو آهي الله پاڪ ان کي هر ڪلِمي جي بدلي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب عطا ڪندو آهي ۽ ان جا اڳوڻا (صغيره) گناھ معاف ڪندو آهي۔ (الترغيب والترھيب،ڪتاب الادب، باب اصلاح بين الناس، رقم: ۹،۳/۳۲۱ ملتقطاً) اهڙي صلح جائز ناهي جنهن جي سبب حلال کي حرام ڪرڻو پوي. جيئن حُضورِ اَقدَس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: مُسلمانن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ جائز آهي پر اها صُلح (جائز ناهي) جيڪا حَرام کي حَلال يا حَلال کي حرام ڪري۔ (ابوداود، ڪتاب الاقضية، باب في الصلح،۳/۴۲۵،حديث:۳۵۹۴) ياد رهي!بدمذهبن سان دوستي ۽ تعلق نه رکڻ گهرجي ۽ نه ئي انهن سان رشتيداري قائم ڪرڻ گهرجي. (صراط الجنان، ٦/۴۰۳)  بي دينن ۽ گمراهن سان ميل جول، رسم ۽ رواج، مودت ۽ محبت انهن جي ها ۾ ها چوڻ انهن جي خوشامند ڪرڻ اهو سڀ منع آهي. (صراط الجنان،٤/۸۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙهفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده جمعرات ٿيندڙ دعوت ِاسلامي جي هفتيوار سنَّتن ڀري اجتماع ۾ اسان موت جي حوالي سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين ته موت ڇا آهي، هن باري ۾ آيتون سڳوريون، حديث سڳوريون انهن جي روشنيءَ ۾ حاصل ٿيڻ وارا مدني گل، بزرگانِ دين جا واقعا ۽ ٻيا ڪيئي مدني گل بيان ڪيا ويندا، لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد