Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

الله پاڪ صُلح ڪرائيندو

اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي رسالي ”رنجشن جو علاج“ صفحي نمبر30 کان 32 تي لکن ٿا: حضرت سَيدُنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن رحمت عالم، شاھ بني آدم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما هئا۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تَبسُّم فرمايائون (يعني مُرڪيا)۔ اميرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: ”يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان تي منهنجا ماءُ پيءُ قربان! توهان ڪهڙي سبب مرڪيا؟ ارشاد فرمايائون، منهنجا ٻه امّتي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ گوڏن ڀـر ڪِرندا، هڪ عرض ڪندو، ياالله هن کان مون کي انصاف ڏيار جو هن مون تي ظلم ڪيو هو. الله پاڪ مدعي (يعني دعويٰ ڪرڻ واري) کي فرمائيندو، هاڻي هي ويچارو (يعني جنهن تي دعويٰ ڪئي وئي آهي اهو) ڇا ڪري هن وٽ ته ڪا نيڪي باقي ناهي. مظلوم (يعني دعويٰ ڪرڻ وارو) عرض ڪندو، منهنجا گناھ هن جي ذمي وجهي ڇڏ. ايترو ارشاد فرمائي ڪري سرور ڪائنات شاھِ موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم روئي ڏنو، فرمايائون اهو ڏينهن تمام عظيم ڏينهن هوندو، ڇو ته ان وقت (يعني قيامت جي ڏينهن) هر هڪ هن ڳالھ جو ضرورتمند هوندو ته ان جو بار هلڪو ٿئي. الله پاڪ مظلوم (يعني دعويٰ ڪرڻ واري) کي فرمائيندو ڏس تنهنجي سامهون ڇا آهي؟ اهو عرض ڪندو، اي پروردگار! مان پنهنجي سامهون سون جا وڏا شهر ۽ وڏا وڏا محل ڏسي رهيو آهيان، جيڪي موتين سان سينگاريل آهن، هي شهر ۽ عمده محل ڪهڙي پيغمبر يا صديق يا شهيد جي لاءِ آهن؟ الله پاڪ فرمائيندو: هي ان جي لاءِ آهن جيڪو انهن جي قيمت ادا ڪري. ٻانهو عرض ڪندو ان جي قيمت ڪير ادا ڪري سگهي ٿو؟ الله پاڪ فرمائيندو، تون ادا ڪري سگهين ٿو . اهو عرض ڪندو اهو ڪهڙي طرح؟ الله پاڪ فرمائيندو، هن طرح جو تون پنهنجي ڀاءُ جا حق معاف ڪري ڇڏ. ٻانهو عرض ڪندو، ياالله مان سڀ حق معاف ڪيا. الله پاڪ فرمائيندو: پنهنجي ڀاءُ جو هٿ پڪڙ ۽ ٻئي گڏجي جنّت ۾ هليا وڃو، پوءِ سرڪارِ نامدار، ٻنهي جهانن جي مالڪ و مختار، شهنشاھ ابرار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ کان ڊڄو ۽ مخلوق ۾ صلح ڪرايو ڇو ته الله پاڪ به قيامت جي ڏينهن مسلمانن ۾ صلح ڪرائيندو.            (مستدرڪ،۵/۷۹۵،حديث:۸۷۵۸)