Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

(يعني ان جو وَبال) اڳرائي ڪرڻ واري تي آهي جيستائين مظلوم حد کان نه وڌي۔ (مسلم، ڪتاب البر والصلۃ والآداب، باب النهي عن السباب، ص۱۳۹۶، الحديث: ۶۸ (۲۵۸۷))

      اچو! اسان نيت ڪريون ٿا ته گارگند کان بچنداسين۔

میں جھوٹ نہ بولوں کبھی گالی نہ نکالوں

اللہ مرض سے تُو گناہوں کے شفا دے

مجلس”اِزدِيادِ حُبّ“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته گار گند ڪرڻ مسلمانن کي نٿو جڳائي، تنهنڪري مسلمانن کي هن طرح جي بُرن ڪمن کان پاڻ به بچڻ گھرجي ۽ ٻين کي به بچائڻ جي ترغيب ڏيارڻ گھرجي، ته جيئن مسلمانن ۾ محبت ۽ الفت ويتر وڌي ۽ نفرت جو منحوس سايو ختم ٿي وڃي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي مسلمانن کي برائين کان بچائڻ، نيڪ بڻائڻ، وڇڙيلن کي پاڻ ۾ ملائڻ، رُٺلن کي پرچائڻ ۽ انهن کي مُتَّحِد رکڻ جي لاءِ هر وَقت ڪوشش ڪري رهي آهي۔ جنهن جي هڪ واضِح جھلڪ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ به آهي۔ ”مَدَني انعام نمبر55 “ کي باقاعده تنظيمي طور تي عَمَلي جامو پارائيندي اهي پراڻا اسلامي ڀائر جيڪي اڳ ۾ ايندا هئا پر هاڻ نٿا اچن انهن کي مَدَني ماحول ۾ فَعال ڪري ”مسجد ڀريو تحريڪ“ ۾ شامل ڪرڻ، انهن کان پيشگي وَقت وٺي اِنفِرادي طور تي دُڪان، گھر يا دفتر وڃي ملاقات ڪرڻ، انهن کي سُنّتن ڀري اِجتماعن ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ اچڻ جو ذهن ڏيڻ، اِجتماعي اِعتڪاف ۽ مَدَني ڪورسز (اِصلاحِ اَعمال ڪورس،فيضانِ نماز ڪورس وغيره) ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ، مَدَني قافِلن ۾ سفرڪرائڻ، انهن جي گھرن ۾ مَدَني حلقي جي ترڪيب ڪرڻ، انهن کي مدرسةُ المدينه براءِ بالغان ۾ شرڪت ڪرائڻ، انهن جي خوشي، غمي، بيماري ۽ فوتگي وغيره جي معامَلن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مشڪلات ۾ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه جي ترڪيب ڪرڻ وغيره هن مجلس جي مقصدن ۾ شامل آهي۔ الله ڪريم”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ کي مزيد ترقيون عطا فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ