Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته ڪوڙ آخِرت جي لاءِ ڪيترو نُقصان دِه آهي۔ ان ڪري عَقلمند اهو ئي آهي جيڪو ڪوڙ کان پيڇو ڇڏائي هميشه سچ جو دامَن پڪڙي رکي۔ سچ ڳالهائڻ سان اِنسان نه صِرف ڪوڙ جي هنن وَعِيدن کان بچي ويندو بلڪ سچ ڳالهائڻ جي فائدن سان به مالامال ٿيندو۔ جيئن

سچ ڳالهائڻ جا ڏهه فائدا:

حڪيمُ الامّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: (1) جيڪو شَخص سچ ڳالهائڻ جو عادي ٿي وڃي، اللہ اُن کي نيڪوڪار بڻائي ڇڏيندو۔ (2) ان جي عادت سُٺن ڪمن جي ٿي ويندي۔ (3) اُن جي بَرَڪت سان اهو مرڻ وَقت تائين نيڪ رهندو۔ (4) بُرائين کان بچندو۔ (5) جيڪو اللہ جي ويجھو صِدّيق ٿي ويندو ان جو خاتِمو چڱو ٿيندو۔ (6) اهو ہر قسم جي عَذاب کان مَحفُوظ رہندو۔ (7) ہر قسم جو ثَواب ماڻيندو۔ (8) دُنيا به اُن کي سچّو چوڻ، چڱو سمجھڻ لڳندي آهي۔ (9) اُن جي عزّت ماڻهن جي دِلين ۾ ويهي رهندي آهي۔ (مرآۃ المناجيح، ج۶/۴۵۲) (10) سچ هڪ اهڙو نُور آهي جيڪو سچ ڳالهائڻ وارن جي دلين جي ہدايت جو سبب بڻجندو آهي، جيتري قَدَر اُنهن کي پنهنجي رَبّ جو قُرب حاصِل ہوندو آهي، اوتري قدر ئي انهن کي اهو نُور حاصِل ٿيندو ويندو آهي۔ (روح البيان، پ۲۲، الاحزاب، تحت الايۃ:۳۵، ۷/۱۷۵)

اچو! اسان نيت ڪريون ٿا ته آٓئنده ڪوڙ کان بچنداسين ۽ هميشه سچ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔

غیبت سے اور تہمت و چغلی سے دُور رکھ

خُوگر تُو سچ کا دے بنا یا ربِّ مصطفٰے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

گھر درس واري مدني انعام جي ترغيب

سُبْحٰنَ الله! ٻڌو اوهان! سچ ڳالهائڻ واري کي سچ ڳالهائڻ جون ڪيتريون