Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

ڦهلائڻ ۾ اڪثر چغل خوري ئي جون تباھ ڪاريون نظر اينديون آهن۔

اچو! عبرت جي لاءِ 3 فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ملاحظه ڪريو:

چغليءَ بابت 3 فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

ارشادفرمايائون: غيبت ۽ چغلي ايمان کي اهڙي طرح ڪپي ڇڏينديون آهن جيئن ٻڪرار وڻ کي ڪٽي ڇڏيندو آهي۔ (الترغيب و الترهيب ، ڪتاب الادب ، رقم: ۴۳۶۲،ج۳،ص ۴۰۵)

ارشاد فرمايائون: چغلي هڻڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ وارا، دوستن جي وچ ۾ جدائي وجھڻ وارا ۽ بي عيب ماڻهن جا عيب ڪڍڻ وارا الله پاڪ جا بد ترين ٻانها آهن. (مسند امام احمد،مسند الشاميين، حديث عبد الرحمن بن غنم الاشعري، ۶/۲۹۱، حديث:۱۸۰۲۰)

ارشاد فرمايائون: لَايدْخُلُ الْجَنَّۃَ قَتَّاتٌ يعني چغل خور جنت ۾ داخل نه ٿيندو۔ (بخاري، ڪتاب الادب، باب مايڪره من النميمۃ،۴/۱۱۵ ،حديث۶۰۵۶)

      بيان ڪيل آخري حديثِ سڳوري جي حوالي سان حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: قَتَّات اهو شخص آهي جيڪو ٻن مخالفن جون ڳالهيون لڪي ٻڌي ۽ پوءِ انهن کي وڌيڪ وڙهائڻ جي لاءِ هڪ جي ڳالھ ٻي تائين پهچائي جيڪڏهن اهو شخص ايمان تي مئو ته جنت ۾ ابتدائن ته نه ويندو بعد ۾ وڃي ته وڃي، جيڪڏهن ڪفر تي مئو ته ڪڏهن اتي نه ويندو. (مرآۃ المناجيح،۶/۴۵۲)

  اچو! اسان نيت ڪريون ٿا ته آٓئنده نه چغلي هڻنداسين ۽ نه ئي چغلين تي ڌيان ڏينداسين۔

                             محبتن جا چور...... چغل خور...... چغل خور.....

                             محبتن جا چور...... چغل خور...... چغل خور.....

قفلِ مدینہ----لگارہے گا---- اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد