Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

اَوس ۽ خَزرَج جو داستان

 مدينه منوره ۾ عرب جا ٻه قبيلا رهندا هئا، هڪ جو نالو ”اَوس“ هو ٻئي جو نالو ”خَزۡرَج“ هو، اوس ۽ خزرج پهريان ته وڏي اتفاق ۽ اتحاد سان گڏجي رهندا هئا، پوءِ عربن جي فطرت جي مطابق هنن ٻنهن قبيلن ۾ لڙائيون شروع ٿي ويون۔ ايستائين جو آخري لڙائي جيڪا ”جنگ بُعاث“ جي نالي سان مشهور آهي، اها جنگ ايتري قدر خطرناڪ ۽ خونريز هئي جو هن ۾ اوس ۽ خزرج جا تقريبًا تمام نامور بهادر وڙهي وڙهي مري ويا، اهڙي طرح پاڻ ۾جھيڙن ۽ باهمي دشمنيءَ جي ڪري اهي ٻئي قبيلا بيحد ڪمزور ٿي ويا۔

اِسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مقدس تعليم ۽ تربيت جي بدولت اوس ۽ خزرج جا تمام پراڻا اختلاف ختم ٿي ويا ۽ اهي ٻئي قبيلا پاڻ ۾ محبت ۽ پيار سان رهڻ لڳا۔ هنن ماڻهن اسلام ۽ مسلمانن جي بي پناھ امداد ۽ نصرت ڪئي ان ڪري تاجدارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن خوش بختن کي ”انصار“ جي معزز لقب سان سرفراز فرمايائون۔ ايستائين جو انهن سان پيار کي ايمان جي نشاني قرار ڏنائون، حضرت سَيدُنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته شاھِ بني آدم، تاجدارِ حرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايائون: ايمان جي نشاني انصار سان محبت ڪرڻ آهي ۽ منافقت جي نشاني انصار سان بغض رکڻ آهي۔

                                        (بخاري، ڪتاب مناقب الانصار، باب حبّ الانصار، ۲/۵۵۵، الحديث: ۳۷۸۴)

          هڪ ڀيري اوس ۽ خزرج جا ڪجھ ماڻهو هڪ جاءِ تي گڏجي محبت ڀريون ڳالهيون ڪري رهيا ها ته اتان کان هڪ يهودي لنگھيو، ان جڏهن ڏٺو ته اسلام اوس ۽ خزرج جي وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪري انهن کي محبت ۽ خلوص واري رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي، اهو ڏسي اهو حسد ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ان هڪ يهودي نوجوان کي اهي نظمون ياد ڪرايون جيڪي بعاث جي جنگ جي باري ۾ اوس ۽ خزرج جي شاعرن چيون هيون، پوءِ ان کي چيائين وڃ اوس ۽ خزرج جي ميڙ ۾ ويهي انهن کي اهي نظمون ٻڌاءِ، جڏهن ان اهي نظمون ٻڌايون ته اوس ۽ خزرج جا جذبات ٻيهر ڀڙڪي پيا ۽ ٻنهي چيو ته اچو ٻيهر هڪ ٻئي سان وڙهون۔ ايستائين جو سڀئي هٿيار کڻي جنگ جي ميدان ۾ پهچي ويا۔ جڏهن رسولِ ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ان جي خبر