Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

15سُورهءِ بَني اِسرائيل جي آيت نمبر 53 ۾ الله ڪريم اِرشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ الشَّیْطٰنَ یَنْزَغُ بَیْنَهُمْؕ-اِنَّ الشَّیْطٰنَ كَانَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوًّا مُّبِیْنًا(۵۳)

ترجموڪنزالايمان: بيشڪ شيطان اُنهن جي وچ ۾ فساد وِجھي ٿو، بيشڪ شيطان ماڻهؤَ جو کُليل دشمن آهي.

اهڙي طرح سيپارو 7 سُوْرَۃُ الْمائِدَۃ جي آيت نمبر91 ۾ ارشادِ رحمٰن آهي:

اِنَّمَا یُرِیْدُ الشَّیْطٰنُ اَنْ یُّوْقِعَ بَیْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَ الْبَغْضَآءَ (پ 7 المائدة 91)            

ترجموڪنزالايمان: شيطان ته اهو گُهري ٿو توهان ۾ وير ۽ دُشمني وجهي ڇڏي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آيت سڳورين کي سامهون رکندي جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشَري تي نظر وجھون ته اسان ڏسنداسين ته اڄ شيطان پنهنجي هن وار ۾ ڪامياب ٿيندو نظر پيو اچي، مثال طور ڪٿي ذات پات تي جھيڙو ٿي رهيو آهي ته ڪٿي اجائي تَعَصُّب جي ڪري هڪ ٻئي سان تڪرار ٿي رهيو آهي، ڪٿي اِداري وارن سان گار گند جو سلسلو آهي ته ڪٿي استاد ۽ شاگردَ پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن، ڪٿي زال مڙس جي وچ ۾ جھڳڙو زور پيو پڪڙي، ته ڪٿي سس ننهن ۾ سخت ڪلامي جاري آهي، ڪٿي دڪاندار ۽ ڪاروباري حصّيدار پاڻ ۾ ٻکين پئجي ويا آهن ته ڪٿي مالڪ مڪان ۽ ڪرائيدارن ۾ هاٿا پائي ٿي رهي آهي، ڪٿي ڪنڊيڪٽر ۽ سُوارين ۾ اڻبڻت هلي رهي آهي ته ڪٿي ريڙهو لڳائڻ وارن ۾ ضد بحث هلي رهيو آهي، ڪٿي ڊاڪٽر ۽ مريض هڪ ٻئي سان بي صبري ڪري رهيا آهن ته ڪٿي ٺيڪيدار ۽ ملازم پاڻ ۾ بحث تڪرار ڪري رهيا آهن، ڪٿي پاڙيسري هڪ ٻئي جي رت جا پياسا آهن ته ڪٿي رشتيدارن ۾ خانه جنگي جو ماحول گرم آهي، ڪٿي امام ۽ مقتدين ۾ دُوريون وڌنديون پيون وڃن ته ڪٿي مسجد ڪميٽي ۽ نمازي حضرات پاڻ ۾ ٻه ٻه هٿ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ڪٿي سالن جي دوستن (Friends) ۾ اڻبڻت ٿي پئي آهي ته ڪٿي سڄو گھر ئي ميدانِ جنگ بڻيل آهي۔ جيڪڏهن اسان رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانن تي عمل پيرا هجون ها، ته اڄ اسان جي معاشري ۾ رنجشن جي ڀرمار نه هجي ها ۽ هر پاسي الفت