Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بي وجهه غصو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غُصّو (ڪاوڙ) به هڪ اهڙو خطرناڪ مرض آهي جيڪو وڏا وڏا فتنا پيدا ڪندو ۽ رنجشن جا دروازا کوليندو آهي۔ غُصّو نفس جي ان جوش جو نالو آهي جيڪو ٻين کان بدلو وٺڻ يا ان کي دَفع (دور) ڪرڻ تي اُڀاري۔ (مرآۃ المناجيح،۶/۶۵۵)

بي وجهه غُصّي سبب پيدا ٿيندڙ 16 بُرائين جي نشاندهي

بي وجهه غُصّي (ڪاوڙ) سبب کوڙ ساريون برائيون پيدا ٿينديون آهن جيڪي آخِرت کي تباھ ڪندڙ آهن، مَثال طور ٭ غصي جي سبب حسد پيدا ٿي ويندو آهي۔ ٭ غصي جي سبب غيبتون ٿينديون آهن۔ ٭ غصو چغلي هڻڻ تي اڀاريندو آهي۔ ٭ غصي سبب ڪينو پيدا ٿيندو آهي۔ ٭ غصو رشتيداري ختم ڪرائيندو آهي۔ v غصو ڪوڙ ڏانهن وٺي ويندو آهي۔ ٭ غصي جي سبب انسان ماڻهن جي عزتن کي لتاڙيندو آهي۔ ٭ غصي سبب پاڻ کان گھٽ رتبي واري مسلمانن کي ڪم تر سمجھڻ جي گھٽيا سوچ پيدا ٿيندي آهي۔ ٭ غصي سبب فريقين ۾ گار گند جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي۔ ٭ غصي سبب انسان تڪبُّر ۾ مُبتَلا ٿي ويندو آهي۔ ٭ غصي ۾ مُبتَلا انسان اجايو مار ڪٽ تي لهي ايندو آهي۔ ٭ غُصّي وارو انسان ٻين جو مذاق اُڏائيندو آهي۔ ٭ غُصّو انسان کي ٻين جي ڪاٽ ڪرڻ تي اڪسائيندو آهي۔ ٭ غُصّي وارو ڪنهن جو لحاظ ناهي ڪندو۔ ٭ ڪڏهن ڪڏهن بي وجهه غصي جي نحوست جي سبب چڱو ڀلو گهر اجڙي ويندو آهي، يعني زال مڙس ۾ طلاق تائين ڳالهه اچي ويندي آهي، پوءِ مڙس بعد ۾ افسوس ڪندو آهي ته هي سڀ ڪجهه غصي ۾ ٿي ويو آهي، مون کي ته خبر ئي نه پئي، ها! خبر ان وقت پوندي آهي جڏهن ڳالهه تمام وڌي ويندي آهي. ٭ غُصّي ۾ مبتلا شخص پنهنجي مخالف جي نقصان تي راضي ۽ خوش ٿيندو آهي ۽ ٭ غصي ڪرڻ سبب اِحسان فراموشي جهڙي خراب عادت پيدا ٿيندي آهي وغيره۔