Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

ڪيتريون برڪتون نصيب ٿين ٿيون، تنهنڪري ڪوڙ کان هميشه بچندا رهو ۽ سچ جو دامن مضبوطيءَ سان پڪڙي وٺو، ان جي برڪت سان معاشري مان رنجشن جو خاتمو ۽ اتفاق اتحاد جو فيضان عام ٿي ويندو۔ ياد رهي! جھڙي طرح گھر کان ٻاهر رنجشن جو علاج ٿيڻ ضروري آهي اهڙي طرح گھر جي اندر به جيڪڏهن ناچاقيءَ جي اونداھي ٿئي ته ان کي به روشني ۾ تبديل ڪرڻ نهايت ضروري آهي۔ گھر جي اندر ناچاقي کي ختم ڪرڻ، گھر ۾ اتفاق و اتحاد جي فضا قائم رکڻ ۽ مدني ماحول بنائڻ جو هڪ موثر ترين ذريعو ”گھر درس“ به آهي۔ ”گھر درس“ اهو مدني انعام آهي جنهن جي ترغيب اميراهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي 72 مدني انعامات ۾ ارشاد فرمائي آهي،

مدني انعام نمبر 12 آهي: ڇا اڄ اوهان فيضانِ سُنَّت مان ٻه درس (مسجد، گھر، دڪان، بازار وغيره جتي سهولت هجي) ڏنا يا ٻڌا؟ (ٻن مان گھر جو هڪ درس ضروري آهي)

      اچو! گھر درس جي هڪ نهايت ئي پياري مدني بهار ٻڌون ٿا:

غفلتن ڀري زندگي

   تعلقو پنڊ دادن خان (ضلعي جهلم) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جي زندگي دعوتِ اسلامي جي خوشبودار مدني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان گناهن ۾ گذري رهي هئي۔ ان غفلت ڀري زندگي مان نجات ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اچڻ جو سبب سنتن ڀريو اجتماعي اعتڪاف بڻيو۔ رمضان المبارڪ ايندي ئي اعتڪاف ڪيائين۔ جڏهن عاشقانِ رسول جو قرب مليو ته انهن جو اخلاق ۽ ڪردار ڏسي گھڻو متاثر ٿيو، سنّتن ڀريا بيان، مناجات ۽ دعائن سبب ان جي دل جي مرجھايل پنکڙي ٽڙي پئي، مبلغن جا اصلاحي بيان ٻڌي ان جي دل ۾ خوفِ خدا جي اهڙي ڪيفيت پيدا ٿي جو ان فلمون، ڊراما ڏسڻ ۽ گانا باجا ٻڌڻ کان توبه ڪري ورتي ۽ سنتون اپنائڻ جو ارادو به ڪيائين۔ اعتڪاف کان پوءِ جڏهن هو گھر موٽيو ته ان گھر ۾ درسِ فيضان سنت جي ترڪيب شروع ڪئي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ درسِ فيضانِ سنت جي برڪت سان ڏسندي ئي ڏسندي ان جي گھر ۾ به مدني ماحول جو فيضان جاري ٿي ويو ۽ گھر جا سمورا ڀاتي