Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

گناہگار ہوں میں لائقِ جہنّم ہوں

کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یا ربّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! 2 ذُوالقَعدَةِ الحَرَام تي صدرُالشريعه، حضرت علامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس مبارَڪ ملهايو ويندو آهي۔ اچو! هن مُناسَبَت سان صَدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرتِ مُبارَڪه هڪ نظر ۾ ملاحَظه ڪريو....

نالو ۽ نسب، ولادت ۽ وصال

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نالو محمد امجد علي، والد جو نالو حڪيم جمال الدين ۽ ڏاڏي جو نالو مولانا خدا بخش آهي۔ صدرُالشّريعه مفتي محمدامجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ولادتِ باسعادت 1300هجري بمطابق1882 عيسوي ۾ مشرقي يوپي (هِند) جي علائقي مَدِينَۃُ العُلَمَاء گھوسي سابقه ضلع اعظم ڳڙھ حال ضلع مئو ۾ ٿي۔ 1367 هجري جي ٻي رات 12 وڳي 26 منٽ تي بمطابق 6 سيپٽمبر 1948 تي وفات ڪيائون، مدينةُ العُلَمَاء گھوسي (ضلع اعظم ڳڙھ) ۾ سندن مزار زيارت گاھ خاص ۽ عام آهي۔

صَدر الشّريعه جو شان ۽ عظمت جون جھلڪيون

٭ صدر الشّريعه کي سيدي اعليٰ حضرت جهڙي مجدّدِ دِين وملّت،امامِ اهلسنّت هِند جو قاضي اسلام مقرر فرمايائون۔ ٭ صدر الشّريعه کي اعليٰ حضرت پنهنجي خلافت عطا فرمائي هئي۔ ٭ صدر الشّريعه مُرشد جي آستاني جا وفادار هئا۔ ٭ صدر الشّريعه ننڍن ٻارن تي نهايت شفيق ۽ مهربان هئا۔ ٭ صدر الشّريعه سنّت تي عمل ڪندي گھر جو ڪم ڪار انتهائي مصروفيت جي باوجود پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪندا هئا۔ ٭ نبي پاڪ،صاحبِ ِلولاڪ صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّتن تي سختي سان عمل ڪندا هئا۔ ٭ سندن خصوصيتن مان اهو به هو جو پاڻ گھر يا ٻاهر ڪڏهن به نماز قضا نه ڪندا هئا، شديد بيماري ۾ به نماز جي پابندي ڪندا هئا۔ ٭ باجماعت نماز جو اهڙو جذبو هو جو مرحبا!