Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

ڪوڙ

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رنجشن ۽ پاڻ ۾ اڻبڻت جو هڪ اهم سبب ڪوڙ ڳالهائڻ به آهي۔

ڪوڙ جي تعريف

 ڪنهن جي باري ۾ خلافِ حقيقت خبر ڏيڻ (ڪوڙ چورائيندو آهي)۔ قائل (يعني ڪوڙي خبر ڏيندڙ وارو) گنهگار ان وقت ٿيندو جڏهن ته (بلاضرورت) ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهائي۔ (حديقةندية،القسم الثاني،المبحث الاول، ۴/ ۱۰)

 اچو! حديث سڳورين ۾ بَيان ڪيل ڪوڙ جون مُختلف تباھ ڪاريون ٻڌون ٿا، جيئن

ڪوڙ جا ڀيانَڪ نتيجا:

٭ جڏهن ٻانهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان جي بَدبُو سبب ملائڪ هڪ مِيل پري ٿي ويندو آهي۔ (ترمذي، ڪتاب البر والصلۃ، باب ماجاء في الصدق والڪذب، الحديث: ۱۹۷۹،۳/ ۳۹۲) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ سڀ کان وڏي خِيانت آهي۔ (سنن ابي داود، ڪتاب الادب، باب في المعاريض،الحديث:۴۹۷۱،۴/۳۸۱) ٭ ڪوڙ ايمان جو مُخالِف آهي۔ (مسنداحمد،مسند ابي بڪر الصديق،۱/۲۲،حديث:۱۶) ٭ ماڻهن کي کلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي لاءِ هلاڪت آهي۔ (ترمذي،ڪتاب الزھد، باب ماجاء من تڪلم بالڪلمۃ ليضحڪ الناس، الحديث:۲۳۲۲، ۴/۱۴۲) ٭ ماڻهن کي کلائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ وارو جهنَّم جي ايتري اونهائي ۾ ڪرندو آهي جيڪو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ فاصلي کان وڌيڪ آهي۔ (شعب الايمان، باب في حفظ اللسان، الحديث:۴۸۳۲، ۴/۲۱۳) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ سان مُنهن ڪارو ٿي ويندو آهي۔ (شعب الايمان، باب في حفظ اللسان، الحديث:۴۸۱۳، ۴/۲۰۸) ٭ ڪوڙي ڳالھ ڪرڻ ڪبيره گُناھ آهي۔ (لمعجم الڪبير،۱۸/۱۴۰،حديث:۲۹۳ ملخصاً) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ مُنافِق جي عَلامتن مان هڪ علامت آهي۔ (مسلم، ڪتاب الايمان، باب خصال المنافق،ص:۵۳، حديث:۲۱۰) ٭ ڪوڙ ڳالهائڻ وارا قِيامت جي ڏينهن، الله جي ويجھو سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده اَفراد ۾ شامِل هوندا۔ (ڪنز العمال، ۱۶/۳۹، حديث:۴۴۰۳۷)

میں جُھوٹ نہ بولوں کبھی گالی نہ نِکالوں!                اللہ مَرَض سے تُو گُناہوں کے شِفا دے!