Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

اميرِاهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي دامن سان وابسته ٿي سلسله عاليه قادريه رضويه عطاريه ۾ داخل ٿي ويا۔

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ                                 تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول

بُری صُحبتوں سے کَنارہ کَشی کر                               کے اچھوں کے پاس آکے پا مَدَنی ماحول

سَنور جائے گی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ                          تم اپنائے رکھو سَدا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                        گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

گار گند

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان گھريلو رنجشن ۽ جھيڙن جھٽن جي ڪارڻ ۽ سببن بابت بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا هئاسين، يقينًا هر شخص کي خبر آهي ته گارگند به انهن عملن مان آهي جيڪو کوڙ مصيبتن، رنجشن ۽ جھيڙن جو سبب ٿيندو آهي، ان ڪري هن نحوست کان به پاڻ کي بچايو، اڄ بد قسمتي سان اسان جي گھرن ۾ به گار گند جو معاملو عام ٿي ويو آهي اهو ئي سبب آهي جو گھر جا ٻار پڻ ان ڪري ننڍڙي عمر ۾ ئي گاريون سکي ويندا آهن، اهڙي طرح انهن جي تربيت تي برو اثر پوندو آهي، اهڙي طرح ٻاهر جو ماحول به بري طرح گارين جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي، ڪيئي اهڙا به مسلمان آهن جيڪي معاذالله بنا روڪ ٽوڪ جي گاريون ڏيندا آهن ۽ هن ڳالھ تي انهن کي ڪنهن قسم جي شرمساري به محسوس ناهي ٿيندي، اهڙن ماڻهن کي ڄاڻڻ گھرجي ته گار ڏيڻ گناھ ۽ مسلمان جي شان کان گھڻو پري آهي کوڙ حديث سڳورين ۾ هڪ ٻئي کي گار ڏيڻ جي مذمت بيان ڪئي وئي آهي، جيئن

(1) ارشاد فرمايائون: مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي، هو ان تي ظلم ناهي ڪندو ۽ نه ان کي گار ڏيندو آهي۔  (شرح السنه، ڪتاب البر والصلۃ، باب الستر، ۶/۴۸۹، الحديث: ۳۴۱۲)

(2) ارشاد فرمايائون: پاڻ ۾ گار ڏيڻ وارا ٻه ماڻهو جيڪو ڪجھ چون ته اهو