Book Name:Nachaqiyon ka Asbab or Ilaj

جيڪڏهن ڪڏهن مؤذن مقرر وقت کان ليٽ ٿي ويندو هو ته پاڻ ئي آذان ڏيندا هئا۔ ٭ روزن سان اهڙي محبت هئي جو سخت بيماري ۾ به روزا نه ڇڏيندا هئا۔ ٭ ڪيتري ئي مصروفيت ڇو نه هجي فجر نماز کان پوءِ قرآنِ پاڪ جي هڪ سيپاري جي تلاوت ڪندا هئا۔ ٭ جمعي نماز کان پوءِ بِلاناغه 100 ڀيرا دُرودِ رضويه پڙھندا هئا۔ ٭ پنهنجي اولاد ۽ شاگردن جي عملي تعليم ۽ تربيت جو خصوصي خيال ڪندا هئا۔ ٭ خليفه اعليٰ حضرت صدر الشّريعه، اهڙا عاشقِ رسول هئا، جڏهن نعت شريف ٻڌندا هئا ته ادب طور ٻئي هٿ ٻڌي اکيون بند ڪندا هئا ۽ اکين مان عشقِ رسول ۾ لڙڪ وهڻ لڳندا هئا۔ ٭ سندن وفات سفرِ مدينه ۾ ٿي۔ ٭ سندن مبارڪ مزار مان پاڪيزه خوشبو ڪيئي ڏينهن تائين محسوس ڪئي وئي۔ ٭ سندن نهايت وڏو علمي ڪارنامو هي آهي ته پاڻ اُمّتِ مصطفي کي عالم بڻائڻ وارو ڪتاب يعني ”بهارِ شريعت“ عطا ڪيو۔

جس کے دم سے بہارِ شریعت ملی

ایسے صدرِ شریعت پہ لاکھوں سلام

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صلح ڪرڻ بابت مدني گل

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي صلح بابت مدني گل ٻڌون ٿا: مسلمانن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ سُنّتِ اِلهٰيه آهي۔ (فيصله ڪرڻ ڪے مدني پھول،ص۳۱ملخصاً)حديثِ پاڪ ۾ آهي: مخلوق ۾ صُلح ڪرايو ڇوته الله ڪريم به بروزِ قيامت مسلمانن ۾ صُلح ڪرائيندو۔ (مستدرڪ، ۵/۷۹۵, حديث:۸۷۵۸) مسلمانن جي وچ ۾ پيار ومحبت پيدا ڪرڻ ۽ صُلح ڪرائڻ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي (به) سُنّت آهي۔ (صراط الجنان،۲/۱۹) جيئن نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اَوس ۽ خَزرَج ٻن قبيلن جي وچ ۾ صُلح ڪرائي۔ (در منثور، اٰل عمران، تحت الآيۃ: ۱۰۰، ۲/۲۷۹ماخوذاً) ڪوڙ ڳالهائي ٻن مَردن يا مَرد ۽ عورت جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ جائز آهي۔ (جهنم ۾ لے جانے والے اعمال،۲/۷۱۳) جيئن حديثِ پاڪ ۾ آهي: ڪوڙ ڪٿي ٺيڪ ناهي پر ٽن هنڌن ۾: (1) مَرد جو پنهنجي عورت کي راضي ڪرڻ جي لاءِ (ڪوڙي) ڳالھ ڪرڻ، (2) لڙائي ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ (3) ماڻهن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ۔ (ترمذي،ڪتاب البر والصلۃ،باب ماجاء في إصلاح ذات البين،حديث: ۱۹۴۵،۳ / ۳۷۷) جيڪو شخص ماڻهن