Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

یَوْمَ یَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ اَخِیْهِۙ(۳۴) وَ اُمِّهٖ وَ اَبِیْهِۙ(۳۵) وَ صَاحِبَتِهٖ وَ بَنِیْهِؕ(۳۶) لِكُلِّ امْرِئٍ مِّنْهُمْ یَوْمَىٕذٍ شَاْنٌ یُّغْنِیْهِؕ(۳۷)           

ترجمو ڪنزالايمان: ان ڏينهن ماڻهو ڀڄندو پنهنجي ڀاءُ ۽ ماءُ ۽ پيءُ ۽ زال ۽ پُٽن کان انهن مان هر هڪ کي ان ڏينهن هڪ فڪر آهي جو اهو ئي کيس ڪافي آهي.

قربان وڃجي! اهڙي مشڪل ترين وقت ۾ به آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي گناھگار اُمّتين جي خاطر بي چين ۽ بيقرار هوندا، انهن کي پنهنجي دامنِ رحمت ۾ لڪائيندا، ربِّ ڪريم کان انهن جي بخشش ڪرائيندا ۽ بارگاھ الٰهي ۾ سفارش ڪرائي انهن کي جنت ۾ داخل ڪرائيندا۔

زمیں تپتی ہوئی خورشید بھی شعلہ فِشاں ہوگا                        بَرَہْنہ پا کھڑا کیسے رہوں گا یارسول اللہ

سرِ محشر بلا کی دھوپ ہے آقا کرم کر دو                               میں کیا محروم کوثر سے رہوں گا  یارسول اللہ

گناہوں کے کُھلے دفتر کھڑا ہوں آہ! میزاں پر                     نہیں ہیں نیکیاں اب کیا کروں گا یارسول اللہ

ہے سر پر بارِعِصْیاں پُل صراط اب پار ہو کیسے!                    سنبھالو ورنہ دوزخ میں گِروں گا یارسول اللہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچوته! هن سان ملندڙ جلندڙ هڪ ٻيو ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

بروزِ قِيامت فڪرِ اُمَّت جو انداز              

شفيعِ روزِ شمار، جنابِ احمد مختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: قِيامت جي ڏينهن تمام اَنبياء ڪرام (عَلَيهم الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام) سون جي منبرن تي جلوه گر هوندا، منهنجو منبر خالي هوندو ڇوته مان پنهنجي رب جي بارگاھ ۾ خاموش بيٺل هوندس ته متان ائين نه ٿئي جو مون کي جنَّت ۾ وڃڻ جو حڪم فرمايو وڃي ۽ منهنجي اُمّت مون کان بعد پريشان ڦرندي وتي۔ الله پاڪ فرمائيندو: اي محبوب!