Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

جا لال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رَمضان جي روزن بابت تاڪيد فرمائن پر پاڻ کي عاشقانِ رسول چورائڻ وارا ان حڪم کان منهن موڙي ناراضي مصطَفٰي جو سبب بڻجن، حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نمازِ تراويح جو تاڪيد ڪن پر سُست ۽ غافل اُمّتين کان نه پڙهي وڃي، پڙھن ته بس رسمي رَمَضان جا شروعاتي ڪجھ ڏينهن ۽ پوءِ اهو سمجھي وٺن ته سڄي رمَضانُ المبارَڪ جي نمازِ تراويح ادا ٿي وئي۔ مصطَفٰي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏاڙھي رکڻ جو حڪم فرمائن پر عشقِ رَسول جا دعويدار فيشن (Fashion) جا شيدائي، سرڪار جي دشمنن جھڙو چهرو ٺاهن، ڇا اهو ئي عشقِ رسول آهي؟

اميراهلسنت، بانيِ دعوتِ اسلامي، آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن امت کي ڪيتري پياري انداز ۾ نيڪي جي دعوت ارشاد فرمائي رهيا آهن، ڪيتري محبت ڀري انداز ۾ سمجهائي رهيا آهن

کچھ تو کر اِحساس بھائی چھوڑ نافرمانیاں                       غم میں آقا اپنی اُمّت کے ہیں ہوتے بے قَرار

میرے غیرت مند بھائی مت منڈا داڑھی کو تُو             یاد رکھ یہ دشمنانِ مُصْطَفٰے کا ہے شِعار

چھوڑ انگریزی طریقے اور فیشن چھوڑ دے                 بھائی کرلے سُنّتوں سے خوب رشتہ اُسْتُوار

اچو ته! گڏجي نِيت ڪريون ٿا ته اڄ کان اسان جي ڪا نماز قضا نه ٿيندي، اڄ کان پنجئي نمازون مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِ اوليٰ سان گڏ ادا ڪنداسين، رمضان جو ڪو روزو قضا ٿيڻ نه ڏينداسين، زڪوٰۃ فرض ٿي ته پوري ادا ڪنداسين، حج (Hajj) فرض ٿيو ته ادائيگي ۾ دير نه ڪنداسين، ناجائز فيشن جي ويجھو به نه وينداسين، نامحرمن کان شرعي پردو ڪنداسين، فلمون ڊراما نه ڏسنداسين، گانا باجا نه ٻڌنداسين، والدين جي دل نه ڏکائينداسين، الله پاڪ ۽ ٻانهن جي حقن جي معاملي ۾ غفلت نه ڪنداسين، اها سوچ ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد