Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

يونٽ ته ضرور جمع ڪرايو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو. يونٽ جمع ڪرڻ جو پنهنجو ڪو هدف بڻائي هينئر کان ان جي لاءِ رابطا شروع ڪريو. الله پاڪ توهان کي سٺو اجر عطا فرمائي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

مجلسِ اَئِمَّه مساجد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ اسلامي جي ڪم وبيش 104شُعبن مان هڪ ’’مجلس ِاَئِمَّه مساجد‘‘ به آهي، جيڪو مَسجدن جي آبادڪاري جي لاءِ ائمَّه (امامن) خطيبن ۽ مُوِّذنن جي تَقرُّرِي جو ڪم سَراَنجام ڏيندي آهي ۽ انهن جي خَيرخَواهي ڪندي مناسب مُشاهرو (پگھار) به مُقَرَّر ڪندي آهي، ته جيئن هي اسلامي ڀائر مُعاشي پريشانين مان آزاد ٿي خُوب خُوب نيڪي جي دعوت عام ڪندا رهن۔ مَسجدن کي آباد ڪرڻ ۾ امامن ۽ مُوذِّنن جو اَهمّ ڪردار هوندو آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته امام سڳورا، صداءِ مدينه، اِنفِرادي ڪوشش جي ذَريعي باجماعت نماز جي رَغبت، مَدَني درس، چوڪ درس، بعد نمازِ فَجر مَدني حلقي ۾ شِرڪت ۽ سُنَّتن جي تربيت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني قافلن جي بَرڪت سان مَسجدن کي آباد رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جيڪو مسجد سان اُلفت رکي ٿو، الله پاڪ ان سان مَحَبَّت ڪري ٿو۔ (مُعْجَمُ اَوْسَط،۴/ ۴۰۰، حديث: ۶۳۸۳) حضرت علّامه عبدالرّوف مُنَاوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: مسجد سان اُلفت، رِضاءِ الٰهي جي لاءِ ان ۾ اعتڪاف، نماز، ذِڪرُالله ۽ شَرعي مَسئلا سکڻ سيکارڻ جي لاءِ ويهڻ جي عادت بڻائڻ آهي ۽ الله پاڪ جو ان ٻانهي سان مَحَبَّت ڪرڻ هن طرح آهي جو الله پاڪ ان کي پنهنجي رَحمت ڀري ڇانو ۾ جڳھ عطا فرمائيندو ۽ ان کي پنهنجي حِفاظت ۾ داخل ڪندو آهي۔ (فيض القدير، ۶/۱۱۲) اسان به مسجد آباد ڪري پنهنجي دل کي سُڪون بخشڻ، پنجئي وَقت مسجد ۾ حاضِر ٿي پنهنجي رَبّ کي ياد ڪرڻ، عشقِ رسُول سان پنهنجي دل جي اُجڙيل بستي آباد ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اپنائي رکو، خُوب خُوب مدني قافلن ۾ سُنَّتن ڀريو سفر ڪريو ۽ ’’فڪرِ مدينه‘‘ جي ذَريعي روزانو مدني اِنعامات جو