Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار اِجتماع ۾ ”ڪمالاتِ مُصطَفٰي“ بابت ايمان افروز واقعا ۽ مدني گل ٻڌنداسين، مثال طور ٿورو کاڌو وڏي جماعت کي ڪيئن پورو ٿي ويو؟، ٻڪري ڪيئن زنده ٿي وئي؟، الله پاڪ نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام تي ڪيڏي عظمت ۽ فضيلت عطا فرمائي آهي، سرڪارِ مدينه،راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن ڪنهن کي بَرَڪت جي دعا ڏيندا هئا ته ان جون ڪهڙيون برڪتون ظاهر ٿينديون هيون۔ ضمناً معجزو، ڪرامت، مَعُونَت ۽ اِستِدراج جو فرق به بيان ڪيو ويندو۔ تنهنڪري! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد