Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪائنات تمام وڏي آهي اها سڀني کي خبر آهي پر ان جي هڪ حد ته ضرور آهي، زمين گھڻي ڪشادي آهي اها سڀني کي خبر آهي پر ان جي هڪ حد ته ضرور آهي، سمنڊ تمام وڏو آهي اها سڀني کي خبر آهي پر ان جي ڪنارن ۽ گهرائي (Depth) جي هڪ حد ته ضرور آهي، تارن جو تعداد تمام وڏو آهي اها سڀني کي خبر آهي پر ان جي هڪ حد ته ضرور آهي، مخلوقِ خدا جو تعداد تمام گھڻو آهي اها سڀني کي خبر آهي پر ان جي هڪ حد ضرور آهي پر ياد رکو! غمخوارِ اُمّت، تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پنهنجي امت تي شفقت ۽ محبت هڪ اهڙي سمنڊ جيان آهي جنهن جي گهرائي ۽ ڪناري جو اسان مان ڪنهن کي به علم ناهي۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پنهنجي اُمّت سان محبت ۽ شفقت جو بيان قرآنِ ڪريم ۾ به موجود آهي، جيئن سيپاري 11سوره توبه جي آيت نمبر 128 ۾ الله پاڪ جو ارشاد آهي:

لَقَدْ جَآءَكُمْ رَسُوْلٌ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ عَزِیْزٌ عَلَیْهِ مَا عَنِتُّمْ حَرِیْصٌ عَلَیْكُمْ بِالْمُؤْمِنِیْنَ رَءُوْفٌ رَّحِیْمٌ(۱۲۸) (پ ۱۱،التوبه ۱۲۸)              

تَرجمو ڪنز الايمان: بيشڪ توهان وٽ تشريف وٺي آيو توهان منجهان اهو رسول جنهن کي توهان جي تڪليف ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي توهان جي ڀلائي جو سختي سان چاهيندڙ مسلمانن تي شفقت فرمائيندڙ مهربان آهي

بيان ڪيل آيت سڳوري تحت ”تفسير صِراطُ الجنان“ ۾ لکيل آهي: اهو ته قرآنِ مجيد مان رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مسلمانن تي رحمت ۽ شفقت جو بيان ٿيو، هاڻي مسلمانن تي سندن رحمت ۽ شفقت جا ڪجھ مثال ملاحظه ڪريو:

اُمّت تي شفقت ۽ رحمت جا ڪجھ مثال

 (1) اُمّت جي ڪمزور، بيمار ۽ ڪم ڪار ڪرڻ وارن ماڻهن جي مَشَقَّت جي پيشِ نظر عشاء جي نماز کي رات جي ٽئين حصي تائين مؤخَّر نه ڪيائون۔ (2) ڪمزور، بيمارن ۽ ٻارن جو لحاظ ڪندي نماز جي قراءت کي گھڻي وڏي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنائون۔ (3) رات جي نفلن تي هميشگي نه فرمائي ته جيئن