Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

امت جي يادگيري تي لکين سلام

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)

دُرُود شريف جي فضيلت

حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عظمت نشان آهي: جِبريل (عَلَيه السَّلام) مون کي عرض ڪيو ته رَبّ ڪريم فرمائي ٿو: اي محمد! ( صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ڇا توهان هن ڳالھ تي راضي ناهيو ته توهان جو اُمَّتي توهان تي هڪ ڀيرو دُرُود موڪلي، مان ان تي ڏھ رَحمتون نازل ڪيان ۽ اوهان جي اُمَّت مان جيڪو هڪ سلام موڪلي، مان ان تي ڏھ سلام موڪليان۔ (مشڪاۃ، ڪتاب الصلاۃ ،باب الصلاۃ علي النبي وفضلها،۱/۱۸۹،حديث:۹۲۸ملتقطا) حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: رَبّ (ڪريم) جي سلام موڪلڻ مان مُراد يا ته مَلائڪن جي ذريعي ان کي سلام موڪلڻ آهي يا آفتن ۽ مُصيبتن کان سلامت رکڻ۔ (مرآۃ المناجيح، ۲/۱۰۲)