Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته مسلمانن جو خيرخواه هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي رحمتِ ڪونين، ناناءِ حَسَنَين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ وارو هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته سُنّتن جي پيروي ڪرڻ وارو هئڻ گھرجي۔ الله ڪريم اسان سڀني کي آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جشنِ وِلادت جي باري ۾ مڪتوبِِ عطَّار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صَفَرُالْمُظَفَّر جو مُبَارَڪ مهينو پنهنجي اِختِتَام ڏانهن وڃي رهيو آهي۔ پوءِ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رَبِيعُ الاَوَّل جو نُور بار مهينو پنهنجي آب و تاب سان جَلوَه گَر ٿيندو۔ شَيخِ طريقت، اَميرِاَهلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جَشنِ مِيلَاد ملهائڻ واري عاشقانِ مِيلاد کي پنهنجي مڪتوب (Letter) ۾ ڪجھ اَهمّ مَدَني گل عطا ڪيا آهن۔ اچو! اسان به اهو ”مڪتوبِ عطّار“ تَوَجُّه سان ٻڌڻ جي سَعادت حاصل ڪريون ٿا:

مڪتوبِ عطّار

بِسْم اللّٰه الرَّحْمٰنِِ الرَّحِيم ط سگِ مدينه محمدالياس عطّارقادِرِي رَضَوِي عُفِي عَنْه جي طرفان تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائرن/ اسلامي ڀينرن جي خدمت ۾ جشن ولادت جي خوشي ۾ لهرائيندي ساون سـاون جهـنڊن ۽ جڳمڳ ڪندڙ بلبن ۽ ننڍڙين ننڍڙين بتين کي چمندو جهومنـدو ماکي کان به مٺو مڪي مدني سلام،

اَلسَّلامُ عَلَيکمْ وَرَحْمَۃُ اﷲِ وَبَرَکاتُه                                                                                                                               اَلْحَمْدُ لِلّٰه رَبِّ الْعٰلَمِينَ عَلٰي کلِ حَال

تم بھی کرکے اُن کا چرچا اپنے دِل چمکاؤ

اُونچے میں اُونچا نبی کا جھنڈا گھر گھر میں لہراؤ