Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

سٺين سٺين نيتن سان پنهنجي مسجد، گهر، دڪان، ڪارخاني وغيره تي ١٢ عدد نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ عدد سائو سائو جهنڊو ربيع الاول شريف جي چنڊ رات کان وٺي سڄو مهينو لڳايو، بسن، ويگنن، ٽرڪن، ٽرالن، ٽيڪسين، رڪشن، ريڙهن، وغيره تي ضرورتاً پنهنجي کيسي مان رقم ڀري جهنڊا خريد ڪري لڳايو، پنهنجي سائيڪلن، اسڪوٽر ۽ ڪار تي به لڳايو، عام طور تي ٽرڪن جي پٺيان جاندارن جون وڏيون وڏيون تصويرون ۽ بيهودا شعر لکيل هوندا آهن، منهنجي خواهش آهي ته ٽرڪن، بسن، ويگنن، رڪشن، ٽيڪسين، سوزوڪين، ۽ ڪارين وغيره جي پٺيان وڏن لفظن ۾ هي لکيل هجي، مون کي دعوتِ اسلامي سان پيار آهي ـ بس جي مالڪن ۽ ٽرانسپورٽ وارن سان ملي ڪري مدني ترڪيبون ڪيو ۽ سگِ مدينه عفي عنه جي دل جون دعائون وٺو.

ضـروري احتياط: جيڪڏهن جهنڊي تي نعل پاڪ جو نقش پاڪ يا ڪا لکت هجي ته هن ڳالهه جو خيال رکو ته نه اهو ليڙون ليڙون ٿئي، نه ئي زمين تي اچي پئي ۽ جيئن ئي ربيع الاول شريف جو مهينو پورو ٿئي ته فوراً لاهي ڇڏيو، جيڪڏهن احتياط نه ٿو ٿي سگهي ۽ بي ادبي ٿيڻ جو انديشو هجي ته بنانقش ۽ بنا لکت جي سادا ساوا جهنڊا لڳايو. (سگِ مدينه عُفِيَ عَنۡهُ به حتي الامڪان پنهنجي گهر تي سادا مدني جهنڊا لڳرائيندو آهي.)

نبی کا جھنڈا لیکر نکلو دنیا پر چھا جاؤ
 نبی کا جھنڈا امْن کا جھنڈا گھر گھر میں لہراؤ

 پنهنجي گهر تي ۱۲ جهالرن (يعني لڙهين) يا گهٽ ۾ گهٽ ۱۲ بلبن سان ۽ پنهنجي مسجد ۽ محلي ۾ به ۱۲ ڏينهن تائين خوب لائيٽنگ ڪيو (پر انهن ڪمن لاءِ بجلي چوري ڪرڻ حرام آهي. تنهن ڪري ان سلسلي ۾ بجلي فراهم ڪندڙ اداري سان رابطو ڪري جائز ذريعن جي ترڪيب بڻايو) سڄي علائقي کي ساون ساون جهنڊن ۽ رنگا رنگي بتين سان سينگاري ڪنوار بڻائي ڇڏيو. مسجد ۽ گهر جي ڇت ۽