Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

چنڊ واري رات جو هنن لفظن سان ٽي ڀيرا مسجدن ۾ اعلان ڪرايو: تمام عاشقانِ رسول کي مبارڪ هجي جو ربيع الاول شريف جو چنڊ نظر اچي ويو آهي.

ربیعُ النُّور اُمّیدوں کی دُنْیا ساتھ لے آیا    دُعاؤں کی قَبولیَّت کو ہاتھوں ہاتھ لے آیا

 مرد لاءِ ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽائڻ ٻئي حرام آهن، اسلامي ڀيڻ جو بي پردگي ڪرڻ حرام آهي. براءِ ڪرم ربيع النور شريف جي برڪت سان اسلامي ڀائر هميشه جي لاءِ هڪ مٺ ڏاڙهي ۽ اسلامي ڀينرون مستقل شرعي پڙدو ۽ زهي قسمت جو مدني برقعو پائڻ جي نيت ڪن.

جُھک گیا کعبہ سبھی بُت مُنہ کے بَل اَوندھے گِرے           دَبدبہ آمد کا تھا ، اَھْلاً وَّسَھْلاً مرحبا

 سنتن ۽ نيڪين تي استقامت حاصل ڪرڻ جو عظيم مدني نسخو هي آهي ته تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون روزانو فڪر مدينه ڪندي مدني انعامات جو رسالو ڀري هر مهيني جمع ڪرائڻ جي نيت ڪن، جيڪڏهن نيت هجي ته هٿ کڻي چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ (ياد رکو جيڪڏهن دل ۾ نيت نه هئڻ جي باوجود ڄاڻي واڻي ڏيکاءُ جي لاءِ هٿ کڻڻ ته مان به نيت ڪيان ٿو گناھ آهي۔)

بدلیاںرَحمت کی چھائیں بُوندیاں رَحمت کی آئیں
اب مُرادیں دل کی پائِیں آمدِ شاہِ عَرَب ہے

 

 تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائر نگرانن ۽ ذميدارن سميت ربيع الاول شريف ۾ خصوصيت سان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪن ۽ اسلامي ڀينرون ۳۰ ڏينهن تائين روزانو گهر جي اندر (فقط گهر جي اسلامي ڀينرن ۽ محرمن ۾) فيضانِ سنت جو درس جاري ڪن ۽ وري اڳتي به روزانو جاري رکڻ جي نيت ڪن.

سعادت ملے درسِ فیضانِ سُنّت                     کی روزانہ دو مرتبہ یاالہٰی!