Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

چوڪ وغيره تي واٽ ويندڙ ۽ سوارين کي تڪليف کان بچائيندي حقوق عامه ضايع ڪرڻ کان سواءِ فضا ۾لهرائيندڙ 12 ميٽر يا ضرورت مطابق سائيز جا وڏا جهنڊا لڳايو، وچ رستي تي جهنڊن لاءِ بانس نه هڻو ڇوته ان سان ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيندو آهي، گهٽيءَ وغيره ڪٿي به اهڙي سجاوٽ نه ڪيو جنهن سان مسلمانن جو رستو سوڙهو ٿيڻ ۽ انهن جي حق تلفي ۽ دل آزاري جو سبب بڻجي.

مَشرق ومَغرب میں اک اک! بامِ کعبہ پر بھی ایک                    نَصب پرچم ہوگیا ، اَھْلاً وَّ سَھْلاً مرحبا

 (وسائل بخشش ص345)

 

 هر اسلامي ڀاءُ طاقت آهر وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن رپين جا مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل رسالا ۽ مدني گلن جا مختلف پمفليٽ ميلاد جي جلوس ۾ ورهائي ۽ اسلامي ڀينرون به تقسيم ڪرائن، اهڙي طرح سڄو سال اجتماعن ۾ لنگرِ رسَائل جو اهتمام فرمائي ڪري نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايوـ شادي غمي جي موقعن تي ۽ مرحومن جي ايصال ثواب جي خاطر به “لنگر رسائل” هلايو ۽ ٻين مسلمانن کي به ان جي ترغيب ڏياريوـ

بانٹ کر مَدَنی رسائل دِین کو پھیلا ئیے

کرکے راضی حق کو حقدارِ جِناں بن جائیے

 مڪتبة المدينه جو لکيل پمفليٽ ”جشنِ ولادت جا ١٢ مدني گل“ ممڪن هجي ته ١١٢ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ١٢ عدد ۽ ٿي سگـهي ته رسالو “صبحِ بهاران” ١٢ عدد ﻣﻜﺘﺒﺔالمدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري ورهايو، خاص ڪري انهن تنظيمن جي سربراهن تائين پهچايو جيڪي جـشن ولادت جون ڌومون مچائيندا آهن. ربيع الاول شريف جي دوران ١٢٠٠ روپيا، جيڪڏهن هي نه ٿي سگهي ته ١١٢ روپيا ۽ اهي به نه ٿي سگهي ته ١٢ رپيا (بالغان) ڪنهن سني عالم کي پيش ڪريو، جيڪڏهن پنهنجي مسجد جي امام، مؤذن يا خادمن ۾ورهائي ڇڏيو تڏهن به ٺيڪ آهي ـ بلڪ هيءَ خدمت هر مهيني جاري رکڻ جي نيت ڪيو ته مدينه مدينه.