Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

تلاوت ٻڌي اشڪباري فرمائيندا هئا جنهن آيت ۾ هر اُمّت کان شاهد آڻڻ ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تمام انسانن تي گواه بڻائڻ جو ذڪر موجود آهي، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن هڪ ئي آيت جي تلاوت تي سڄي رات گذاري ڇڏيندا هئا، ڪڏهن ڊگھو قيام ۽ رڪوع ڪندا هئا، ڪڏهن پيشاني سجدي ۾ رکي اُمّت جي ڀلائي طلب ڪندا هئا۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گريه وزاري ۽ شب بيداري ڪندا هئا، روئي روئي گنهگار اُمتين جي نجات ۽ قبروحشر جي تڪليفن کان بچائڻ جي لاءِ دعائون ڪندا هئا۔ جيئن

روئڻ جو سبب ڇا آهي؟

اسان جي پياري آقا، اسان گنهگارن کي بخشرائڻ واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻئي مبارڪ هٿ کڻي اُمّت جي لاءِ روئي دُعا فرمائي ۽ عرض ڪيو: اَللّٰھُمَّ اُمَّتِي اُمَّتِي، اي الله! منهنجي اُمّت منهنجي اُمّت۔ الله پاڪ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو ته توهان منهنجي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ وڃو۔ توهان جو رب بهتر ڄاڻي ٿو پر پڇا ڪريو ته روئڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام حڪم مطابق حاضر ٿي پڇا ڪيائون ته رحمت عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي سمورو حال ٻڌايو ۽ غمِ اُمّت جو اظهار ڪيائون۔ حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪيو ته اي الله ڪريم! تنهنجا حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو فرمائن ٿا ۽ الله پاڪ خوب ڄاڻڻ واروآهي۔ الله پاڪ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو ته وڃو ۽ منهنجي حبيب (صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) کي چئو ته اسان اوهان کي اوهان جي اُمّت جي باري ۾ عنقريب راضي ڪنداسين ۽ اوهان جي قلب مبارڪ کي رنجيده نه ٿيڻ ڏينداسين۔ (مسلم، ڪتاب الايمان، باب دعاء النبي لامته... الخ،ص۱۰۹،حديث: ۴۹۹)

صَد شُکْر خدایا تُو نے دیا،                                 ہے رَحمت والا وہ آقا

جو اُمّت کے رنج و غم میں،               راتوں کو اَشک بہاتا رہے

اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ”جانِ برادر! تو ڪڏهن ٻڌو آهي ته جنهن کي تون سان اُلفت ِصادِقه (سچي