Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

۽ سڀ هڪ ٻي کي وساري پنهنجي پنهنجي معمولات ۾ مشغول ٿي ويندا آهن، پر ياد رهي! مَحَبَّت جو هڪ اهڙو رشتو هاڻي به قائم آهي جنهن کي زوال ناهي، جيڪو ڪنهن وقت سان خاص ناهي، گذرندڙ زماني سان جنهن ۾ ڪمي ناهي آئي، ۽ اهو آهي ڪريم و مهربان آقا، مڪي مديني جي شهنشاھ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پنهنجي امت سان محبت جو رشتو، جي ها! پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي امت کي پنهنجي حياتِ ظاهري ۾ به ياد رکيائون، قبرِ اطهر ۾ جسمِ انور کي لاٿو پئي ويو ته ان وقت به اُمّت کي ياد ڪيائون، قبرِ انور ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ به ياد فرمائي رهيا آهن ايستائين جو قيامت ۾ به پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي اُمّت کي ياد فرمائي رهيا هوندا، اچو! هن باري ۾ ٻه واقعا ٻڌو ۽ پنهنجو ايمان تازو ڪريو، جيئن

(1) قِيامت تائين ’’اُمّتي اُمّتي‘‘فرمائيندا

حضرت سيدُنا قُثَم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اهي شخص هئا جيڪي رسول ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي قبرِانور ۾ لاهڻ کان پوءِ سڀ کان آخِر ۾ ٻاهر آيا هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو بيان آهي ته مان ئي آخِري شخص آهيان جنهن حُضُورِانور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روشن چهرو، قبر اَطهر ۾ ڏٺو هو، مون ڏٺو ته سلطانِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قَبرِ انور ۾ پنهنجي مُبارَڪ چپن کي جُنبِش فرمائي رهيا هئا (يعني مُبارَڪ چپ چُري رهيا هئا) مون پنهنجن ڪنن کي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دَهن (يعني منهن) مُبارَڪ جي ويجھو ڪيو، مون ٻڌو ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو پئي: ’’ربِّ اُمَّتِي اُمَّتِي (يعني پروردِگار! منهنجي اُمّت منهنجي اُمّت)۔ (مَدارجُ النُّبُوۃ،۲/۴۴۲) ۽ فرمانِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جڏهن منهنجي وفات ٿي ويندي ته پنهنجي قَبر ۾ هميشه پڪاريندو رهندس: ياربِّ اُمَّتِي اُمَّتِي يعني اي پروردگار! منهنجي اُمّت منهنجي اُمّت۔ ايستائين جو ٻيو صُور ڦوڪيو وڃي۔ (ڪنزالعمال،ڪتاب القيامۃ، ۷/۱۷۸،حديث:۳۹۱۰۸) منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪن ٿا:

جنہیں مَرقَد میں تا حشر اُمَّتی کہہ کر پکارو گے          ہمیں  بھی یاد کر لو اُن میں صدقہ اپنی رحمت کا