Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

بلا بدن جو بگڙڻ ۽ سفيد داغ آهن (تاریخ البغداد،۸/ ۲۰۴، حدیث:۴۳۲۶) 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هر عقلمند شخص هن ڳالهه کي چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ته اڄ جي دور ۾ گهڻا ڪم اهڙا آهن جن کي مال ۽ دولت خرچ ڪندي بغير ڪرڻ ناممڪن ٿيندو پيو وڃي. هاڻي ته ديني ڪم به مال خرچ ڪرڻ جي بغير ڪرڻ ناممڪن ٿي چڪو آهي. هن دور ۾ ديني تعليم کي پکيڙڻ، علمِ دين کي عام ڪرڻ ۽ جامعات ۽ مدرسن کي هلائڻ جي لاءِ به مال ۽ دولت جي وِک وِک تي ضرورت پوندي آهي. پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ غيب نشان آهي: آخر زماني ۾ دين جو ڪم به درهم ۽ دينار سان ٿيندو. (معجم کبیر،۲۰/۲۷۹،حدیث:۶۶۰مُلخّصاً) هن حديث پاڪ مان جتي  حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو علمِ غيب ثابت ٿيو، اتي اهو به معلوم ٿيو ته هڪ زماني ۾ دين جو ڪم ڪرڻ جي لاءِ پيئسن جي سخت ضرورت پوندي. عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم و پيش 104 شعبن جي ذريعي دين ۽ سنتن جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان جامعة المدينه  ۽ مدرسة المدينه به شامل آهن، جتي قرآنِ پاڪ ۽ سنتن جي تعليم ڏني ويندي آهي. سڄي دنيا ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ مدارس المدينه ۾ هڪ لک چوئيتاليهه هزارن کان وڌيڪ مدني منّا ۽ مدني منّيون قرآنِ ڪريم جي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هاڻي تائين ٽن لکن کان وڌيڪ مدني منّا ۽ مدني منّيون حفظ ۽ ناظره جي سعادت حاصل ڪري چڪيون آهن. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 606 جامعة المدينه ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ طلبه ۽ طالبات ديني تعليم جي حصول ۾ مشغول آهن، صرف هنن ٻن شعبن جا خرچ ڪروڙين روپيا هر سال آهن،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 2 ڊسمبر2018 ء متوقع 23 ربيع الاول 1440 هه آچر جي ڏينهن 02:00 وڳي کان رات 02:00 وڳي تائين ٽيلي ٿون ترڪيب ٿيندي. في يونٽ 10 هزار جو هوندو، ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ دعوت اسلامي جي اڳواڻي ۾ هلندڙ مدارس المدينه ۽ جامعة المدينه جي خرچن جي لاءِ تعاون ڪيو، پنهنجي مرحومن جي ايصالِ ثواب جي لاءِ  گهر جي هر فرد جي طرف کان گهٽ مان گهٽ هڪ