Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

رِسالو ڀريو ۽ هر مدني يعني اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ جو پنهنجي علائقي جي دعوتِ اسلامي جي ذِميدار کي جَمع ڪرايو۔

ہوجائیں مولا مسجدیں آباد سب کی سب               سب کو نمازی دے بنا یارَبِّ مُصْطفےٰ

اَحکامِ شَرع کا مجھے دے دے عمل کا شوق            پیکر خُلُوص کا بنا یارَبِّ مُصْطفےٰ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اُمّتي کي ڪيئن هئڻ گھرجي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان رسول انور، شافعِ محشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پنهنجي امت سان مَحَبَّت جا واقعات ٻڌي رهيا آهيون، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان کي فخر آهي ته اسان به رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اُمّتي آهيون، هاڻي اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪريون ته ڇا اسان کي به پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان اهڙي ئي محبت آهي جهڙي هڪ اُمّتي کي پنهنجي آقا سان هئڻ گھرجي، مثال طور آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته نمازن جو پابند هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو امتي ته پنهنجي ضرورت جا مسئلا ۽ ٻيا فرض ۽ واجب علوم ڄاڻڻ وارو هجڻ گهرجي،  آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو پيڪر هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو امتي ته  پنهنجون شرعي ذميداريون پوريون ڪرڻ وارو هجڻ گهرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته تلاوتِ قرآن جو حريص هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته ناجائز ۽ حرام ڪمن کان بچڻ وارو بلڪ پنهنجي اولاد وغيره کي انهن ڪمن کان بچائڻ وارو، انهن جي صحيح اسلامي تربيت ڪرڻ وارو هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته خوفِ خدا وارو هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ وارو هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته بهترين خوبين سان آراسته هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته بي حيائي جي ڪمن کان بچڻ وارو هئڻ گھرجي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اُمّتي ته باطني برائين کان پري هئڻ