Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

(2)مُحدِّثِ اعظم پاڪستان جن فرمايو

   مُحدِّثِ اعظم پاڪستان حضرت علّامه مولانا سردار احمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائيندا هئا ته حُضُورِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته سڄي عمر اسان کي اُمَّتي اُمَّتي چئي ياد فرمائيندا رهيا، قبرِانور ۾ به اُمَّتي اُمَّتي فرمائي رهيا آهن ۽ حشر تائين فرمائيندا رهندا ايستائين جو محشر جي ڏينهن به اُمَّتي اُمَّتي فرمائيندا۔ حق هي آهي ته جيڪڏهن صِرف هڪ ڀيري به اُمّتي فرمائن ها ۽ اسان سڄي زندگي يانبي يانبي، يارسولَ اللّٰه، ياحبيبَ اللّٰه چئون ها تڏهن به ان هڪ ڀيري اُمّتي چوڻ جو حق ادا نه ٿي سگھي ها۔ (عاشقِ اڪبر، ص ۵۳)

      اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، مولانا شاھ احمد رضا خانرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي نعتيه دِيوان ’’حدائقِ بخشش‘‘ ۾ لکن ٿا:

پیشِ حق مژدہ شفاعت کا سناتے جائیں گے                      آپ روتے جائیں گے ہم کو ہنساتے جائیں گے

ہاں چلو حسرت زدو سنتے ہیں وہ دن آج ہے                     تھی خبر جس کی کہ وہ جَلوہ دکھاتے جائیں گے

کچھ خبر بھی ہے فقیرو آج وہ دن ہے کہ وہ                      نعمتِ خُلد اپنے صَدقے میں لٹاتے جائیں گے

وُسعتیں دی ہیں خدا نے دامنِ محبوب کو                      جُرم کھلتے جائیں گے اور وہ چھپاتے جائیں گے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

(ٽيلي ٿون جي ترغيب(مدني عطيات مهم)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! راهه خدا ۾ خرچ ڪرڻ جا بي شمار فضائل ۽ برڪتون آهن. نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ صدقي جا بيشمار فضائل بيان فرمايا آهن. اچو ڪجهه فضائل ٻڌون ٿا: صدقو الله پاڪ جي غضب کي ٿڌو ڪندو ۽ بري موت کي دور ڪندو آهي. (ترمذی،کتاب الزکاۃ،باب ما جاء فی فضل الصدقۃ، ۲/۱۴۶ ،حدیث:۶۶۴) صدقو برائي جا ستر دروازا بند ڪندو آهي (فردوس الاخبار،۲/۳۴، حدیث:۳۶۵۱) صدقو گناهه کي مٽائي ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي باهه کي وسائي ڇڏيندو آهي. (ترمذی، کتاب الزکاۃ،  ۲/۱۱۸،حدیث: ۶۱۴)  مسلمان جو ڏنل صدقو عمر کي وڌائيندو ۽ بري موت کي روڪيندو آهي. (فردوس الاخبار، ۲/۲۶، حدیث:۳۵۷۸) صدقو ستّر قسم جي بلائن کي روڪيندو آهي، جن ۾ سڀ کان آسان