Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فڪرِ اُمّت ۾ ڪيتري قدر غمگين هوندا، گنهگار اُمّتين جي آخرت سنواريندا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ اُمّتِ مُصطَفٰي تي دنيا ۾ جيڪي عنايتون ٿيون ۽ جيڪي آخرت ۾ ٿينديون انهن جون ڪجھ جھلڪيون به بيان ٿينديون، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا ۾ پنهنجي اُمّت کي ڪيترو ياد فرمايائون ۽ اُمّت جي ياد ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيتري قدر گريه و زاري ڪندا رهيا اهو به ٻڌنداسين، بيان جي آخر ۾ اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ مرحبا يا مصطفٰي جون ڌومون مچائيندي، سرڪار جي ولادت جي جشن جون خوشيون ٻڌائيندو پيارو پيارو مڪتوبِ عطار به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين” الله ڪري جو اسان سڄو بيان توجه سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري سگھون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڏسو هو آيو اسان جو حامي ۽ مدگار

   حضرت سيدُنا عبدُالله بن عُمَر رَضِىَ اللّٰهُ عَنْهما کان روايت آهي ته اُمت تي مهربان، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: قِيامت جي ڏينهن حضرت سَيدُنا آدمعَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام عرش جي ويجھو وڏي ميدان ۾ تشريف فرما هوندا، سندس کي ٻه ساوا ڪپڙا پاتل هوندا، پنهنجي اولاد مان هر ان شخص کي ڏسي رهيا هوندا جيڪو جنَّت ۾ وڃي رهيو هوندو ۽ پنهنجي اَولاد مان ان کي به ڏسي رهيا هوندا جيڪو دَوزَخ ۾ وڃي رهيو هوندو۔ انهيء دوران آدمعَلَيۡهِ السَّلَام منهنجي هڪ اُمَّتِي کي دَوزَخ ۾ ويندي ڏسندا۔ سَيدُنا آدم عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام سڏيندا، يا احمد(صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! يا احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! مان چوندس: لَبَّيڪ اي ابُوالبَشَر! حضرت سَيدُنا آدم عَلَيۡهِ السَّلَام چوندا: اوهان جو هي اُمَّتِي دَوزَخ ۾ وڃي رهيو آهي۔ اهو ٻڌي مان وڏي چُستي سان تيز تيز (قدمن سان) ملائڪن جي پويان ويندس ۽ چوندس: اي منهنجي رَبّ جا ملائڪو! ترسو۔ اهي عرض ڪندا: اسان مُقَرَّر ڪيل ملائڪ آهيون، جنهن ڪم جو اسان کي الله پاڪ حڪم ڏنو آهي ان جي نافرماني ناهيون ڪندا، اسان اهو ئي ڪندا آهيون جنهن جو اسان کي حڪم