Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

مليو آهي۔ جڏهن مان غمگين ٿي ويندس ۽ پنهنجي ڏاڙھي مُبارڪ کي کاٻي هٿ سان پڪڙي عرش ڏانهن هٿ جو اشارو ڪندي عرض ڪندس: اي منهنجا پَروَردگار! ڇا تو مون سان واعدو ناهي ڪيو ته مون کي منهنجي اُمَّت جي باري ۾ رُسوا نه ڪندين۔ عرش کان سڏ ٿيندو: اي ملائڪو! محمد(صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي اِطَاعت ڪريو ۽ ان کي موٽائي ڇڏيو۔ پوءِ مان پنهنجي جھولي مان سفيد ڪاغذ ڪڍندس ۽ اُن کي مِيزان جي ساڄي پَلڙي ۾ وجھي چوندس، ’’بِسمِ ﷲِِِ‘‘ته اهو نيڪين وارو پلڙو برائين واري پَلڙي کان وزني ٿي ويندو۔ آواز ايندو: خوش بَخت آهي، سعادت وارو ٿي ويو آهي ۽ ان جو مِيزان وزني ٿي ويو آهي۔ ان کي جَنَّت ۾ وٺي وڃو۔ اهو ٻانهو چوندو: اي منهنجي پاڪ پَروَردگار جا ملائڪو! ترسو، مان هن ٻانهي سان ڳالھ ته ڪيان جيڪو پنهنجي رَبّ جي بارگاھ ۾ وڏي عزت رکي ٿو۔ پوءِ هو چوندو: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي فِدا ٿين، اوهان جو مبارڪ چهرو ڪيترو حسين آهي ۽ اوهان جي صورت ڪيتري خُوبصُورت آهي، اوهان منهنجي ڏوهن کي مُعاف فرمايو ۽ منهنجي لڙڪن تي رَحم ڪيو، (اوهان ڪير آهيو؟)۔ ته مان ان کي چوندس: مان تنهنجو نبي محمد(صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) آهيان ۽ هي تنهنجو اهو دُرُود آهي جيڪو تُون مون تي موڪليندو هئين، ان توکي پورو نفعو پهچايو جيتري توکي ان جي ضرورت هئي۔ (موسوعۃ ابن ابي الدنيا في حسن الظن باللّٰه، ۱/۹۱،حديث:۷۹)

      اعليٰ حضرت،امامِ اَهلسنَّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نعتيه ديوان ”حدائقِ بخشش“ ۾ ڪيتري نه پياري عڪاسي ڪن ٿا:

ان کی آواز پہ کراُٹھوں  میں  بے ساختہ شور                         اور تڑپ کر یہ کہوں اب مجھے پَروا کیا ہے

لو وہ آیا مِرا حامی مِرا غم خَوارِ اُمم!                             آگئی جاں تنِ بے جاں میں یہ آنا کیا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعو پنهنجي اندر ڪيئي مدني گلن کي سمائي رهيو آهي، مثال طور غيب دان آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ