Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

اللّٰه ڪريم جي عطا سان غيب جو علم رکن ٿا، جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو ڪجھ آئنده ٿيڻ وارو آهي بلڪ قيامت ۾ جيڪو ڪجھ ٿيندو تمام ڳالهين جو علم الله ڪريم اوهان کي عطا فرمايو آهي، جيئن رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ غيب جي خبر ڏيندي حضرت سَيدُنا آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي باري ۾ ٻڌايو ته بروزِ قيامت هو عرش جي ويجھو ڪشادي ميدان ۾ تشريف فرما هوندا، ٻه ساوا ڪپڙا پاتل هوندا، پنهنجي اولاد کي به ڏسندا ايستائين جو نبي انور،شافعِ محشر صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ امتي کي دوزخ ۾ ويندي ڏسي ڪري نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ان بابت ڌيان ڏياري ان جي مدد ڪندا، اهو به معلوم ٿيو ته بارگاههِ الاهي ۾ حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪيترو عالي شان مقام آهي، يقينًا اهو الله پاڪ جو ڪرم آهي. هتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رهي ته حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو عرش جي طرف هٿ سان اشارو ڪرڻ، بارگاههِ الاهي ۾ عرض ڪرڻ جي لاءِ هو، اهو نه جو معاذالله (الله پاڪ جي پناهه) الله پاڪ عرش تي آهي ۽ هو ان کي اشارو ڪري رهيا آهن جو الله پاڪ ته مڪان ۽ سمت (Direction) کان پاڪ آهي، ان جو ڪلام به آواز کان پاڪ آهي، اهو ايئن آهي جيئن ان جي شان کي لائق آهي. هن روايت مان اهو به معلوم ٿيو ته دُرُودِ پاڪ پڙھڻ جون گھڻيون برڪتون آهن، درود پاڪ پڙھڻ وارا جھڙي طرح دنيا ۾ ان جي برڪتن سان فيضياب ٿيندا آهن، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ بروز قيامت به اهڙن جا ڀاڳ کلي پوندا، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به پنهنجي محسن آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪ بارگاھ ۾ اٿندي ويهندي هلندي ڦرندي مطلب ته هر وقت (Every time) دُرُود پاڪ جا نذرانا پيش ڪندا رهون،
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دُرُودِ پاڪ جي برڪت سان دنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت به سنورجي ويندي۔ هن حڪايت مان هڪ مدني گل اهو به مليو ته نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي امتين سان تمام گھڻي محبت ڪن ٿا، بروزِ قيامت جڏهن هر پاسي نفسي نفسي جو عالم هوندو، اهو ڏينهن جنهن جي باري ۾ الله پاڪ پنهنجي پاڪيزه ڪلام قرآنِ ڪريم سيپاري 30 سوره عبس جي آيت 34 کان 37 ۾ ارشاد فرمائي ٿو: