Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

تنهنجي اُمّت جي باري ۾ اهو ئي فيصلو ڪندس، جيڪا تنهنجي چاهت آهي۔ مان عرض ڪندس: ”اَللّٰھُمَّ عَجِّلْ حِسَابَھُمْ يعني اي الله ڪريم! انهن جو حساب جلدي وٺ“ ۽ اهو مسلسل عرض ڪندو رهندس ايستائين جو مون کي دوزخ ۾ وڃڻ وارن منهنجن اُمتين جي فهرست ڏني ويندي (جيڪي جهنم ۾ داخِل ٿي چڪا هوندا انهن جي شَفاعت ڪري مان انهن کي ٻاهر ڪڍندس) اهڙي طرح عذابِ الهي جي لاءِ منهنجي اُمّت جو ڪو فرد نه بچندو۔ (ڪنْزُ الْعُمّال،ڪتاب القيامۃ،۷/۱۷۸،رقم: ۳۹۱۱۱)

سچا عاشقِ رسول اعليٰ حضرت، امامِ اَهلسنَّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا

مُژدۂ رحمتِ حق ہم کو سُنانے والے                           مرحبا آتشِ دوزخ سے بچانے والے

کوئی پہنچا نہ نبی رُتبۂ عالی کو تِرے                              مرحبا خلد کی زنجیر ہِلانے والے

سُبْحٰنَ الله! ٿورو سوچيو! حضورِ انور، شافِعِ محشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اسان جو ڪيترو احساس آهي ۽ هو اسان تي ڪيترا شفيق ۽ مهربان آهن، هاڻي ٿورو اسان پنهنجي باري ۾ به غور ڪندا هلون ته اسان کي پنهنجي آقا و موليٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪهڙي ۽ ڪيتري محبت آهي، اسان پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي احسانن جي بدلي ۾ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪيترو خوش ڪيو ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانن تي اسان ڪيترو عمل ڪريون ٿا، ٿورو سوچيو! جيڪي ماڻهو پنهنجي والدين سان مَحَبَّت ڪن ٿا اهي انهن جي دل نٿا ڏکائن، جن کي پنهنجي ٻار سان مَحَبَّت هوندي آهي هو ان کي ناراض ناهي ٿيڻ ڏيندو، ڪو به پنهنجي دوست کي غمگين ڏسڻ پسند ناهي ڪندو ڇوته جنهن سان مَحَبَّت هوندي آهي ان کي رَنجيده ناهي ڪيو ويندو پر هاءِ! اڄ جا اڪثر مسلمان عشقِ رسول جي دعوي ته ڪن ٿا پر انهن جا ڪم نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي خوش ڪرڻ وارا ناهن، اهي ڪهڙا عاشقِ رسول آهن جيڪي نماز کان پاسو ڪن ٿا، ڄاڻي واڻي نماز قضا ڪري سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قلبِ پُراَنوار جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجن ٿا۔ اها ڪهڙي مَحَبَّت ۽ ڪهڙو عشق آهي جو رسولِ بيمثال، بي بي آمنه