Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

آئی نئی حکومت سکّہ نیا چلے گا    عالَم نے رنگ بدلا صبحِ شبِ وِلادت

ٻارهين جي رات اجتِماعِ ميلاد ۾ گذاري بوقتِ صبحِ صادِق پنهنجي هٿن ۾ مَدَني پرچم کڻي، دُرُود و سلام جا هار کڻي، اشڪبار اکين سان صبحِ بهاران جو استِقبال ڪريو۔ بعد نَمازِ فَجر سلام ۽ عيد مبارَڪ چئي هڪ ٻئي سان گرم جوشي سان ملاقات ڪريو ۽ سڄو ڏينهن عيد جي مبارَڪباد پيش ڪندي ۽ عيد ملندا رهو۔

عیدِ میلادُ النّبی تو عید کی بھی عید ہے                      بالیقیں ہے عید  ِعیداں عیدِ میلادُ النّبی

مٺا مٺا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر سومر شريف جو روزو رکي پنهنجو يومِ ولادت ملهائيندا رهيا۔ اوهان به يادِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ 12 ربيعُ الاوّل شريف جو روزو رکي مَدَني پرچم کڻي جُلوسِ ميلاد ۾ شريڪ ٿيو۔ جيترو ممڪن ٿئي باوُضو رهو۔ لب تي نعتن جا نغما سجائيندي، دُرُود و سلام پڙهندي، نگاهون جھڪائيندي پُروقار طريقي سان هلو۔ ٽپ ڏيندي ۽ ڊوڙندي  ڪنهن کي تنقيد جو موقعو نه ڏيو۔

ربیعُ الاوّل تجھ پر اَہلسنّت کیوں نہ ہوں قرباں             کہ تیری بارھویں تاریخ وہ جانِ قمر آیا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تعزيت بابت مدني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام جي طرف آڻيندي تعزيت ڪرڻ بابت ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔ پهرين 2 فرمانِ مصطفيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت ڪندو ان جي لاءِ ان مصيبت زده جيترو ثواب آهي۔ (ترمذي، ڪتاب الجنائز ،باب ماجاء في اجر من عزي مصابا، رقم:۱۰۷۵،۲/ ۳۳۸) (2) جيڪو مومن ٻانهو پنهنجي ڪنهن مصيبت زده ڀاءُ جي تعزيت ڪندو، الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان کي ڪرامت جو جوڙو پارائيندو۔ (ابن ماجه، ڪتاب الجنائز ،