Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

مَحَبَّت) آهي ۽ پوءِ محبوب به ڪهڙو، جانِ ايمان ۽ ڪانِ احسان (يعني ايمان جي جان ۽ ڀلائي جو خزانو)، جنهن جي جمالِ جهان آراء (جهان کي سجائڻ واري خوبصورتي) جو نظير (مِثل) ڪٿي نه ملندو ۽ خامَه قدرت (يعني تقدير جي قلم) ان جي تصوير بڻائي هٿ ڇڪي ورتو جو وري ڪڏهن اهڙو نه لکندو، ڪهڙو محبوب، جنهن کي ان جي مالڪ سڄي جهان جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، ڪهڙو محبوب، جنهن پنهنجي جسم تي هڪ عالَم جو بار کنيو، ڪهڙو محبوب، جنهن توهان جي غم ۾ ڏينهن جو کاڌو، رات جو سمهڻ ڇڏي ڏنو، توهان رات ڏينهن ان جي نافرمانين ۾ مُنهمِڪ (گھڻا مصروف) ۽ لَهو ولَعب (راند روند) ۾ مشغول آهيو ۽ هو توهان جي بخشش جي لاءِ ڏينهن رات روئي ٿو ۽ غمگين رهي ٿو۔ رات، جيڪا الله جَلَّ جَلَالُه آسائش (آرام) جي لاءِ ٺاهي، صبح قريب آهي، ٿڌڙي هير (هوائن) جو پکو ٿي رهيو هجي، هر هڪ جي دل ان وقت آرام ڏانهن مائل هوندي آهي، بادشاھ پنهنجي گرم بسترن، نرم وهاڻن ۾ آرام ۾ مشغول آهي ۽ جيڪو محتاج بي نوا (بي سهارو) آهي ان جا به پير ٻه گز جي چادر ۾ ڍڪيل، اهڙي وڻندڙ وقت، ٿڌي زماني ۾، هو معصوم، بي گناھ، پاڪ دامن، عِصمت پناھ (جنهن جي پناھ ۾ پاڪدامني هجي) پنهنجي راحت ۽ آسائش کي ڇڏي، خواب ۽ آرام کان پاسو ڪري، جبينِ نياز (مبارڪ پيشاني کي) آستانَه عزت تي (بارگاھ الٰهي ۾) رکيل آهي ته الٰهي! منهنجي اُمّت سياھ ڪار آهي، درگذر فرما، ۽ ان جي تمام جسمن کي آتشِ دوزخ (دوزخ جي باھ) کان بچا۔ (فتاويٰ رضويه، ۳۰/۷۱۶ -۷۱۷ملتقطاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني دورو “

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مُصطَفٰي جانِ رحمت،شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحَبَّت ۽ اُلفت کي دل ۾ اُجاگر ڪرڻ ۽ عشقِ رسول جو جام پيئڻ جي لاءِ عاشقان ِرسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته