Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺو، ذيلي حلقي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’مدني دورو‘‘ به آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني ڪم جا بيشمار فائدا آهن، مثال طور ”مدني دوري“ جي برڪت سان علائقي ۾ خوب مدني ڪم ڦهلجندو آهي، ”مدني دوري“ جي برڪت سان نوان نوان اسلامي ڀائر مدني ماحول جي ويجھو ايندا آهن، ”مدني دوري“ جي برڪت سان بي نمازين کي نماز پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي۔”مدني دوري“ جي برڪت سان اميرِاهلسنت جي دعائن مان حصو ملندو آهي۔ ”مدني دوري“ جي برڪت سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو موقعو ملندو آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ نهايت ئي عظيمُ الشّان ڪم آهي، جيئن حديث ِ پاڪ ۾ آهي ته پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کان عرض ڪيو ويو: ماڻهن ۾ بهتر ڪير آهي؟ ارشاد فرمايائون: پنهنجي ربّ ڪريم کان گهڻو ڊڄڻ وارو، رشتيدارن سان گهڻي صلهء رحمي ڪرڻ وارو ۽ تمام  گهڻو نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ ۽ برائيءَ کان منع ڪرڻ وارو۔ (شعب الايمان،باب في صلۃ الارحام، ۶/۲۲۰، حديث: ۷۹۵۰)

12 مدني ڪمن مان هفتيوار هن مدني ڪم ”مدني دوره“ جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رِسالي ”مدني دوره“ جو مطالعو ڪريو، دعوتِ اسلامي جا سمورا ذميدار، خاص ڪري مجلسن جا نگران ۽ رڪن ته هن رِسالي جو لازمي مطالعو ڪن۔ هي رِسالو مڪتبة المدينه تان طلب به ڪري سگهجي ٿو ۽ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔

هن رِسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي۔٭نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو شرعي حڪم ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جون 13 فضيلتون ۽ فائدا ٭نيڪي جي دعوت کان پهريان جي دعا ٭ مدني دوري بابت مدني گل ٭ مدني دوري جو طريقو ٭ مدني دوري جا آداب ٭ مدني دوري بابت مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن جا منتخب مدني گل وغيره۔

اچوته! ترغيب لاءِ ”مدني دوري“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن