Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

مسجد آباد ٿي وئي

  بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته اسان جو مدني قافلو پنجاب جي هڪ شهر جي مسجد ۾ پهتو۔ دروازي تي تالو لڳل هو، ڪوشش ڪري چاٻي حاصل ڪئي، دروازو کوليو ته هر شيء تي مٽي ئي مٽي هئي، ائين ٿي لڳو ته ڄڻ  ڪافي عرصي کان مسجد بند هجي، اسان گڏجي صفائي ڪئي، نمازِ عصر کان بعد مدني دوري جي لاءِ راند جي ميدان (Play Ground) ۾ پهتاسين ۽ راند ۾ مشغول نوجوانن کي نيڪي جي دعوت ڏني۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! ڪيئي نوجوان هٿوهٿ اسان سان گڏ هلڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا، مسجد ۾ اچي اسان سان گڏ نماز پڙھڻ ۽ سنّتن ڀريو بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اسان جي انفرادي ڪوشش سان انهن ان مسجد کي آباد ڪرڻ جي نيت ڪري ورتي۔ اهو منظر ڏسي اتي موجود هڪ بُزرگ روئڻهارڪو ٿي چوڻ لڳو، مان ته ماڻهن کي مسجد آباد ڪرڻ جو چوندو رهندو هئس پر منهنجي ڪير ٻڌي؟ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ عاشقانِ رسول جي مدني قافلي ۽ مدني دوري جي برڪت سان اسان جي مسجد آباد ٿي وئي آهي۔

نہ نیکی کی دعوت میں سُستی ہو مجھ سے                           بنا         شائقِ         قافِلہ      یا اِلٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان آقا ڪريم، رءُوف و رحيم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پنهنجي اُمّت سان مَحَبَّت جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون۔ اچو! غور ڪريون ته دنيا ۾ بيشمار اهڙا ماڻهو رهن ٿا جن جو پاڻ ۾ پيار ۽ مَحَبَّت جو رشتو قائم هوندو آهي، مثال طور والدين پنهنجي اولاد سان مَحَبَّت ڪن ٿا، اولاد پنهنجي والِدَين سان مَحَبَّت ڪندو آهي، ڀينرون پنهنجي ڀائرن سان مَحَبَّت ڪن ٿيون، دوست پنهنجي دوستن سان مَحَبَّت ڪن ٿا، رشتيدار پاڻ ۾ هڪ ٻي سان مَحَبَّت ڪن ٿا وغيره، پر ياد رهي! اهي سڀ محبتون عارضي هونديون آهن، اهي محبتون فاني هونديون آهن، اهي محبتون دنيا جي حد تائين محدود هونديون آهن، هيڏانهن زندگي جي ڏور ڪٽجي هوڏانهن محبتن جي انهن سمورن سلسلن کي ڄڻ ته بريڪ (Brake) لڳي ويندو آهي