Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

اهي اُمّت تي فرض نه ٿي وڃن۔ (4) اُمّت جي مَشَقَّت ۾ پوڻ سبب انهن کي صومِ وصال(بغير افطار ڪرڻ جي اڳيون روزو رکڻ ۽ ايئن مسلسل روزا رکڻ صومِ وصال چورائيندو آهي) جا روزا رکڻ کان منع ڪيائون۔ (5) اُمّت جي مَشَقَّت جي ڪري هر سال حج کي فرض نه ڪيائون۔ (6) مسلمانن تي شفقت ڪندي طواف جي ٽن چڪرن ۾ رَمل جو حڪم ڏنائون تمام چڪرن ۾ نه ڏنائون۔ (7) تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڄي سڄي رات جاڳي عبادت (Worship) ۾ مصروف رهندا هئا ۽ اُمّت جي بخشش جي لاءِ الله پاڪ جي درٻار ۾ انتهائي بيقراري سان گريه و زاري ڪندا رهندا هئا، ايستائين جو بيهي بيهي اڪٽر سندن مبارڪ پيرن تي سوڄ ٿي ويندي هئي۔ (صراط الجنان،۵/ ۲۶۷ملخصاً)

اللہ کیا جہنَّم اب بھی نہ سَرد ہوگا                                        رو رو کے مصطَفٰے نے دریا بہا دیے ہیں

مختصر وضاحت: هن شعر ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ربِّ ڪريم جي پاڪ بارگاھ ۾ عرض گذار آهن: اي پروردگار! ڇا جهنَّم جي باھ غلامانِ مصطَفٰي جي حق ۾ اڃا به ٿڌي نه ٿيندي! منهنجا پيارا پيارا پَروَردگار! تنهنجي پياري حبيب، گناهن جي مريضن جي طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته پنهنجي اُمّت جي بخشش جي لاءِ دعائون ڪندي ايترا رُنا آهن، ايترا رُنا آهن ڄڻ ته روئي روئي درياء وهائي ڇڏيا آهن۔

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! آقاءِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ سيرت جو مطالعو ڪيو وڃي ته ايئن لڳي ٿو جيئن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سڄي زندگي ئي پنهنجي اُمّت کي ياد فرمائيندا رهيا، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُمّت جي بخشش ۽ نجات جي لاءِ راتين جو عبادت ڪندا هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غارن جي تنهائين ۾ وڃي گريو زاري ڪندا هئا، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قرآن جي تلاوت ڪندي اشڪبار ٿيندا هئا، رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُمّت جي گناهن ۽ قيامت جي سختين جو خيال ڪري بارگاھ الٰهي ۾ گريه و زاري ڪندا هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قرآن جي ان آيت جي