Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

جُمُعه جي ڏينهن ڏيو ته بهتر جو جُمعه تي هر نيڪي جو ثواب سَتَر ڀيرا وڌيڪ ملندو آهي. (پر جمعي جو انتظار ڪرڻ بدران موقعو ملندي ئي نيڪ ڪم يڪدم ڪرڻ گھرجي) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ سنتن ڀري بيان جي ڪيسٽ ٻـڌي ڪري ڪيترن ئي ماڻـهن جي اصلاح ٿي وڃڻ جا واقعا آهن. توهان مان به ڪي خوشنصيب اهڙا به هوندا جيڪي بيان جي ڪيسٽ ٻڌي مدني ماحول سان وابسته ٿيا هوندا، تنهنڪري سنتن ڀري بيانات ۽ مدني مذاڪرن وارا ميموري ڪارڊ ماڻهن تائين پهچائڻ دِين جي عظيم خِدمت ۽ بي اِنتها ثواب جو سبب آهي ته جنهن سان ٿي سگھي هفتي ۾ نه ته مهيني ۾ گھٽ ۾گھٽ 12ميموري ڪارڊ ضرور وڪرو ڪري۔ مالدار اسلامي ڀائر جيڪڏهن مفت ورهائن ته مدينه مدينه. شادين جي موقعي تي ڪارڊ سان گڏ رسالو ۽ ٿي سگهي ته ميموري ڪارڊ به وجهي ڇڏيو.

اُنکے در پے پلنے والا اپنا آپ جواب                   کوئی غریب نواز تو کوئی داتا لگتا ہے

 وڏي شهر ۾ هر علائقي مشاورت جا نگران (ڳوٺن وارا ڳوٺن ۾)١٢ ڏينهن تائين روزانو مختلف مسجدن ۾ عظيم الشان سنتن ڀريا اجتماعات منـعقد ڪن (ذميدار اسلامي ڀينرون گهرن ۾اجتماعات فرمائن) ربيع الاول شريف جي دوران ٿيڻ وارن تمام اجتماعن ۾ جن کان ٿي سگهي اهي سڄو مهينو مدني پرچم گڏ کڻي اچن.

لب پر نعتِ رسولِ اکرم ہاتھوں میں پرچم                        دیوانہ سرکار کا کتنا پیارا لگتا ہے

 يارهين جي شام نه ته ٻارهينءَ جي رات غسل ڪيو، ٿي سگهي ته هن عيدن جي عيد جي تعظيم جي نيت سان نئون لباس، عمامو، سربند، ٽوپي، مٿي تي پائڻ واري سفيد چادر پردي ۾ پردي لاءِ ناسي چادر، ڏندڻ، کيسي جو رومال، چپل، تسبيح، عطر جي شيشي، هٿ جي گهڙي، قلم، قافله پيڊ وغيره پنهنجي استعمال جي هر شيء ممڪن هجي ته نئين وٺو. (اسلامي ڀينرون به پنهنجي ضرورت جون جيڪي شــيون ممڪن هجن ته اهي نيون وٺن)