Book Name:Yadgari Ummat Pay Lakhoon Salam

باب ماجاء في ثواب من عزي مصابا، رقم ۱۶۰۱ ،۲/ ۲۶۸ ) ٭ تعزيت جي معنيٰ آهي: مصيبت زده کي صبر جي تلقين ڪرڻ۔ ٭ تعزيت مسنون(يعني سنّت ) آهي۔ (بهار ِشريعت ،۱/۸۵۲) ٭ دفن کان پهرين به تعزيت جائز آهي، پر افضل هي آهي ته دفن کان بعد ٿئي اهو ان وقت آهي جو ميت جا وارث (عزيز) ميت تي روڄ راڙو نه ڪندا هجن، نه ته انهن جي تسلي جي لاءِ دفن کان پهريان ئي ڪري۔ (الجوهرۃ النيرۃ، ڪتاب الصلاۃ، باب الجنائز، ص۱۴۱) ٭ مستحب هي آهي ته ميت جي سڀني مائٽن سان تعزيت ڪري، ننڍي وڏي مرد و عورت سڀني سان پر عورت سان ان جا محارم ئي تعزيت ڪن۔ تعزيت ۾ اهو چوي، الله پاڪ ميت جي بخشش فرمائي ۽ ان کي پنهنجي رحمت ۾ جڳھ عطا فرمائي۔ (بهار شريعت،۱/۸۵۲) ٭ ميت جي عزيزن جو گھر ۾ ويهڻ ته ماڻهو ان جي تعزيت لاءِ اچن هن ۾ حرج ناهي ۽ گھر جي دروازي تي يا شارعِ عام (ماڻهن جي گذرگاھ) تي دري وڇائي ويهڻ بُري ڳالھ آهي۔ (الدرالمختار، ڪتاب الصلاۃ، مطلب في ڪراھۃ الضيافۃ من اھل الميت،۳/) ٭ ۽ دفن کان بعد ميت جي گھراچڻ ۽ تعزيت ڪري پنهنجي پنهنجي گھر وڃڻ جيڪڏهن اتفاقاً هجي ته حرج ناهي ۽ ان جي رسم ڪرڻ نه گھرجي ۽ ميت جي گھر تعزيت جي لاءِ ماڻهن جو رش ڪرڻ دفن کان پهريان هجي يا بعد انهيءَ وقت هجي يا ڪنهن ٻي وقت خلاف اَوليٰ آهي ۽ ڪن ته تو گناھ به ناهي۔ (بهار شريعت،۱ / ۸۵۳) ٭ جيڪو هڪ ڀيرو تعزيت ڪري ان کي ٻيهر تعزيت جي لاءِ وڃڻ مڪروه آهي۔ (الدر المختار، ڪتاب الصلاۃ، باب صلاۃ الجنازۃ، ج۳، ص۱۷۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.