Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

ڪنهن مسلمان سان خيانت ڪندو، نه چغلي، غيبت ۽ بهتان تراشي جو مرتڪب ٿيندو، نه ظلم جي ڪنهن پهلو کي به پنهنجي خيال ۾ اچڻ ڏيندو، نه ڪنهن جي ٺهيل ٺڪيل ڪم ۾ ٽنگھ آڙائيندو (يعني رڪاوٽ نه وجھندو) بلڪ هو سڀني جو ڀلو چاهيندو ۽ سڀني سان ڀلائي ڪندو۔ جنهن جو قدرتي نتيجو هي ٿيندو ته ماڻهو به ان سان خير خواهي ۽ ڀلائي ڪندا ۽ هو به هر نُقصان کان محفوظ رهندو ۽ هميشه ان جو ڀلو ٿيندو رهندو۔ (منتخب حديثيں،ص۲۳۱)

امّتِ محبوب کا یارب بنا دے خیر خواہ                               نفس کی  خاطِر کسی سے دل میں  میرے  ہو  نہ  بَیر

 

خير خواهي جي تعريف

حڪيم الاُمّت حضرت مفتي احمديار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه خيرخواهي جي تعريف لکندي فرمائن ٿا: اصطلاح ۾ ڪنهن جي خالص خير خواهي ڪرڻ جنهن ۾ بدخواهي جو شائبو نه هجي يا خُلوصِ دل سان ڪنهن جو ڀلو چاهڻ نصيحت (يعني خيرخواهي) آهي۔  (مراة المناجيح ، ۶/۵۵۷)

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! لفظِ خيرخواهي پنهنجي مفهوم جي لحاظ کان عام آهي مثال طور مسلمانن سان نرمي ۽ ڀلائي سان پيش اچڻ، انهن جي مالي مدد ڪرڻ، انهن جي پريشاني پري ڪرڻ، انهن کي ڪپڙا پارائڻ، انهن کي کاڌو کارائڻ، انهن کي آرام ۽ سڪون مهيا ڪرڻ، انهن جي ضروري خواهشن کي پورو ڪرڻ، شرعي رهنمائي ڪرڻ يا ڪرائڻ، ڀٽڪيلن کي سڌي واٽ تي آڻڻ، مطلب ته ڪنهن به طرح سان پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان خيرخواهي ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي۔ پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان جي حالت اها آهي جو اسان یاشیخ اپنی اپنی دیکھ جي تحت صرف پنهنجا معاملا سُلجھائڻ جي فڪر ۾ رهون ٿا۔ ٭ اسان جي آس پاس ڪيترا مسلمان پريشان حال آهن، اسان کي ان جو ڪو احساس ناهي ٿيندو۔ ٭ اهي ماڻهو جن سان اسان جو روزانو واسطو پوي ٿو انهن مان ڪيترا خوش دلي سان ۽ ڪيترا پريشان چهرن سان اسان کي ملن ٿا، اسان ڪڏهن ان تي غور ڪيو؟ ٭ اسان جي سڃاڻپ وارن ۾ ڪيترا ئي قرضن ۾ ڦاٿل آهن بلڪ خاندان ۾ اسان جا ڪيترا رشتيدار غربت ۽ افلاس جي