Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

٭ ارشادفرمايائون: دِين مسلمانن جي خيرخواهي ئي آهي، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪنهن لاءِ؟ ارشاد فرمايائون: الله جي لاءِ، ان جي ڪتاب جي لاءِ، ان جي رسول جي لاءِ، مسلمانن جي امامن ۽ عوام جي لاءِ۔

                               (مسلم،ڪتاب الايمان،باب بيان الدين النصيحة، ص۵۱ ،حديث: ۱۹۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آخري حديثِ پاڪ جي تحت حڪيم الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ٭ الله جي لاءِ نصيحت هي آهي ته ٭ الله پاڪ جي ذات و صفات جي باري ۾ خالص اسلامي عقيدو رکڻ، ٭ خلوصِ دل سان ان جي عبادت ڪرڻ، ٭ ان جي محبوبن سان محبت، ٭ دشمنن سان عداوت رکڻ، ٭ ان جي باري ۾ پنهنجا عقيدا خالص رکڻ۔ ٭ ڪتابُ الله يعني قرآنِ مجيد جي نصيحت هي آهي ته ٭ ان جي ڪتابُ الله هئڻ تي ايمان رکڻ، ٭ ان جي تلاوت ڪرڻ، ٭ ان ۾ بقدرِ طاقت غور (Ponder) ڪرڻ، ٭ ان تي صحيح عمل ڪرڻ۔ ٭ الله جي رسول يعني حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نصيحت هي آهي ته ٭ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تمام نبين جو سردار مڃڻ۔ ٭ سندن تمام صفتن جو اِعتراف ڪرڻ ٭ جان و مال ۽ اَولاد کان وڌيڪ پاڻ کي پيارو رکڻ ٭ سندن اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ۔ ٭ سندن ذڪر بلند ڪرڻ۔ ٭ امامن مان مراد يا ته اسلامي بادشاھ اسلامي حاڪم آهن يا علماءِ دِين، مجتهدينِ ڪاملين (۽) اولياء آهن۔ انهن جي نصيحت هي آهي ته ٭ انهن جي هرجائز حڪم جي وس آهر تعميل ڪرڻ ٭ ماڻهن کي انهن جي جائز اطاعتِ ڏانهن رغبت ڏيڻ، ٭ آئمه مجتهدين جي تقليد ڪرڻ، ٭ انهن سان سٺو گمان رکڻ، ٭ عالمن جو ادب ڪرڻ۔ ٭ عام مسلمانن جي نصيحت (يعني خيرخواهي) هي آهي ته  وس آهر انهن جي خدمت ڪرڻ، ٭ انهن کان دِيني ۽ دُنيوي مصيبتون پري ڪرڻ ٭ انهن سان محبت ڪرڻ ٭ انهن ۾ عِلمِ دِين ڦھلائڻ ٭ نيڪ عملن جي رغبت ڏيڻ، ٭ جيڪا شيء پنهنجي لاءِ پسند نه ڪري ان جي لاءِ پسند نه ڪرڻ۔ (مرآة المناجيح ، ۶/ ۵۵۷، ملخصاً)