Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

خانقاھ ۾ رهندا هئا، انهن کي ڪپڙا به ڏنا ويندا هئا۔ (فيضانِ شمس العارفين،ص۳۹)

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان!حضرت خواجه شمسُ الدِّين سيالوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه پنهنجي خانقاھ ۾ مسلمانن جي حاجت روائي ۽ انهن جي خير خواهي جي لاءِ ڪيترو زبردست نظام بڻايو هو، ٿورو سوچيو! اڄ اسان پنهنجي لاءِ اهو پسند ڪريون ٿا ته اسان کي ڪا تڪليف نه پهچي، اسان سان سچ ڳالهايو وڃي، اسان جو احترام ڪيو وڃي اسان جا حق مڪمل ادا ڪيا وڃن، اسان کي عزّت و تعظيم جي نگاھ سان ڏٺو وڃي، اسان کي پنهنجو جائز مقام ڏنو وڃي، جھڙي طرح اسان اهو سڀ پنهنجي لاءِ پسند ڪريون ٿا،اسان کي پنهنجن مسلمان ڀائرن جي لاءِ به انهن شين کي پسند ڪرڻ گھرجي۔ اهڙي طرح جڏهن اسان پنهنجي لاءِ اهو ناپسند ڪريون ٿا ته اسان کي ڌوڪو ڏنو وڃي، اسان جي غيبت ڪئي وڃي، اسان تي تهمت لڳائي وڃي، اسان جو مال چوري ڪيو وڃي، اسان کان رشوت (Bribe) ورتي وڃي، اسان تي ظلم ڪيو وڃي، ملاوٽ وارو مال خالص چئي وڪڻيو وڃي، اسان جي بي عزّتي ڪئي وڃي، جهڙي نموني اسان اهي سڀ پنهنجي لاءِ ناپسند ڪريون ٿا اسان کي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ به انهن شين کي ناپسند ڪرڻ گھرجي ۽ اهڙين شين کان بچڻ گھرجي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيمارن جي عيادت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيمار جي عيادت ڪرڻ به خير خواهي جي هڪ صورت آهي۔ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي بيماري جو احساس ڪري، دِل جُوئي ۽ دلداري خاطر پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي عيادت جي لاءِ وڃڻ دِين و دنيا جي ڪيئي

فائدن جو سبب آهي۔

دعوتِ اسلامي جي ذميدارن کي به گھرجي ته هو پنهنجي ماتحتن جي