Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

پنهنجي طرفان خرچ ڪري انهن جا قرض لاهيندا ۽ انهن جي خوشين جا سبب پيدا ڪندا هئا۔ پر افسوس! في زمانه اسان جي حالت اها آهي جو ٭ اسان پنهنجو ڪم ڪرائڻ جي لاءِ ڪڏهن سڳي ڀاءُ کي تڪليف پهچايون ٿا ته ڪڏهن ڪنهن پاڙيسري کي ٭ ڪڏهن ڪنهن کي ڌمڪي ڏئي پنهنجو ڪم ڪڍون ٿا ته ڪڏهن ڌوڪي بازي سان ٻين کي تنگ ڪندا آهيون ٭ ڪڏهن ڪنهن کي ڌمڪي سان قابو ڪريون ٿا ته ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي راھ جي رڪاوٽن کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا۔ بس اسان جي اها ئي ڌُن هوندي آهي ته پنهنجو ڪم ٿيڻ گھرجي، توڙي جو ان سان ٻئي جو ٺهيل ڪم بگڙي وڃي۔

      ياد رکو! دينِ اسلام انسانيت جو سڀ کان وڏو خير خواھ آهي ۽ پنهنجي مڃڻ وارن کي به ٻين سان خير خواهي ڪرڻ ۽ انهن سان ڀلائي ڪرڻ جي تعليم ڏئي ٿو۔ مسلمانن جي خيرخواهي ۾ مشغول رهڻ جتي دنيا ۽ آخرت ۾ سعادت جو سبب آهي، اتي رحمتِ الٰهي حاصل ڪرڻ جو به ذريعو آهي جيئن ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: وَاللَّهُ فِي عَوْنِ الْعَبْدِ مَا كَانَ الْعَبْدُ فِي عَوْنِ أَخِيهِ يعني الله پاڪ ٻانهي جي مدد تي رهندو آهي جيستائين ٻانهو پنهنجي ڀاءُ جي مدد تي رهي۔    (مسلم، ڪتاب الذڪر وا لدعاء ۔۔۔الخ ، باب فضل الاجتماع ۔۔۔ الخ ، ص۱۱۱۰، حديث : ۶۸۵۳)

مسلمانن جي خيرخواهي

خيرخواهي اُمّت جي جذبي سان سرشار اسان جي بزرگانِ دين مان هڪ حضرت خواجه شمسُ الدّين سيالوي چشتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه به آهن۔ پاڻ سيال شريف (ضلع گلزارِ طيبه،سرگوڌا پنجاب) ۾ پنهنجو خانقاهي نظام اعليٰ پيماني تي قائم ڪيائون ۽ سلسله عاليه چشتيه نظاميه جي خوب اشاعت فرمائي۔ سندن وٽ لنگر جو خاص اهتمام هوندو هو، تمام زائرين ۽ مسافرن کي کاڌو لنگر خاني مان ملندو هو، شهر جي مفلسن ۽ بيڪسن جي لاءِ سندن لنگر جا دروازا هر وقت کليل رهندا هئا۔ رهڻ جو به نهايت سٺو انتظام (Arrangement) هو۔ هر اچڻ واري کي کٽ ۽ بسترا مهيا ڪيا ويندا هئا ۽ جيڪي ماڻهو مستقل