Book Name:Dukhyari Ummat Ki Khair Khwahi

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان اُمّت جي خير خواهي جي باري ۾ بُزرگانِ دِين جا واقعا ٻڌي رهيا هئاسين۔ اسان جا بزرگ سڳورا اُمّت جي خيرخواهي لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا، ۽ خير خواهي جو ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا هئا۔ اهو ئي سبب آهي ته انهن جي پاڪيزه سيرتن ۽ عمده حسنِ اخلاق جون خوشبوئون اڄ به ماحول کي خوشبودار ڪري رهيون آهن۔ حضرت سَيدُنا بهاءُ الدين زڪريا ملتاني سهروردي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه به اُمّتِ مُسلمه جي عظيم خيرخواهن مان هڪ آهن۔ جُود و سخاوت ۽ مهرباني ۽ شفقت ۾ پاڻ پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔ سندن خزاني جو منهن غريبن ۽ مستحق ماڻهن جي لاءِ هر وقت کليو رهندو هو۔ محتاج ۽ مسڪين ايندا هئا ۽ سندن درٻار مان مالامال ٿي ويندا هئا۔ هڪ ڀيري پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ عبادت ۾ مصروفِ ها۔ ڪجھ درويش به سندن وٽ ويٺل هئا، اوچتو پاڻ پنهنجي مُصَلّي تان اُٿيا ۽ رقم جي هڪ ٿهيلي هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪتا۔ درويش به حيراني جي عالَم ۾ پاڻ سان گڏ هليا، ٻاهر اچي ڏٺائون ڪجھ ماڻهو هڪ غَريبُ الحال شخص کي پنهنجي قرض جي وصولي جي لاءِ تنگ Disturb)) ڪري رهيا آهن ۽ ان شخص وٽ هڪ ٽڪو(يعني ڏيڻ جي لاءِ ڪجھ) به هو۔ پاڻ قرض خواهن کي سڏي فرمايائون: هي ٿهيلي وٺو ۽ جيترا هن شخص کان وٺڻا آهن ڪڍو۔ هڪ قرض خواه پنهنجي قرض کان ڪجھ روپيا وڌيڪ وٺڻ چاهيا ته هڪدم ان جو هٿ سڪي ويو۔ رڙ ڪندي چيائين: حضور! معاف فرمايو، مان وڌيڪ وٺڻ کان توبه ڪيان ٿو۔ هڪدم ان جو هٿ ٺيڪ ٿي ويو۔ مَفلوڪ الحال قرضدار سندن کي دعائون ڏيڻ لڳو۔

حضرت سَيدُنا بهاءُالدين زڪريا ملتاني سهروردي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه درويشن سان گڏ واپس موٽيا ۽ فرمايائون: الله پاڪ مون کي ان شخص جي مدد جي لاءِ موڪليو هو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! ان جو مطلب پورو ٿي ويو۔ (فيضانِ بهاء الدين زڪريا ملتاني،۴۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اسان جا بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيهم اجمعين مسلمانن جي خيرخواهي ڪري انهن جي مشڪلات کي پري ڪندا هئا۔