• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • ڏکايل امت جي خير خواهي arrow icon
    • page 19
    book-logo
    book_icon
    ڏکايل امت جي خير خواهي
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان اُمّت جي خير خواهي جي باري ۾ بُزرگانِ دِين جا واقعا ٻڌي رهيا هئاسين۔ اسان جا بزرگ سڳورا اُمّت جي خيرخواهي لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا، ۽ خير خواهي جو ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا هئا۔ اهو ئي سبب آهي ته انهن جي پاڪيزه سيرتن ۽ عمده حسنِ اخلاق جون خوشبوئون اڄ به ماحول کي خوشبودار ڪري رهيون آهن۔ حضرت سَيدُنا بهاءُ الدين زڪريا ملتاني سهروردي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه به اُمّتِ مُسلمه جي عظيم خيرخواهن مان هڪ آهن۔ جُود و سخاوت ۽ مهرباني ۽ شفقت ۾ پاڻ پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔ سندن خزاني جو منهن غريبن ۽ مستحق ماڻهن جي لاءِ هر وقت کليو رهندو هو۔ محتاج ۽ مسڪين ايندا هئا ۽ سندن درٻار مان مالامال ٿي ويندا هئا۔ هڪ ڀيري پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ عبادت ۾ مصروفِ ها۔ ڪجھ درويش به سندن وٽ ويٺل هئا، اوچتو پاڻ پنهنجي مُصَلّي تان اُٿيا ۽ رقم جي هڪ ٿهيلي هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪتا۔ درويش به حيراني جي عالَم ۾ پاڻ سان گڏ هليا، ٻاهر اچي ڏٺائون ڪجھ ماڻهو هڪ غَريبُ الحال شخص کي پنهنجي قرض جي وصولي جي لاءِ تنگ Disturb)) ڪري رهيا آهن ۽ ان شخص وٽ هڪ ٽڪو(يعني ڏيڻ جي لاءِ ڪجھ) به هو۔ پاڻ قرض خواهن کي سڏي فرمايائون: هي ٿهيلي وٺو ۽ جيترا هن شخص کان وٺڻا آهن ڪڍو۔ هڪ قرض خواه پنهنجي قرض کان ڪجھ روپيا وڌيڪ وٺڻ چاهيا ته هڪدم ان جو هٿ سڪي ويو۔ رڙ ڪندي چيائين: حضور! معاف فرمايو، مان وڌيڪ وٺڻ کان توبه ڪيان ٿو۔ هڪدم ان جو هٿ ٺيڪ ٿي ويو۔ مَفلوڪ الحال قرضدار سندن کي دعائون ڏيڻ لڳو۔

    حضرت سَيدُنا بهاءُالدين زڪريا ملتاني سهروردي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه درويشن سان گڏ واپس موٽيا ۽ فرمايائون: الله پاڪ مون کي ان شخص جي مدد جي لاءِ موڪليو هو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! ان جو مطلب پورو ٿي ويو۔ (فيضانِ بهاء الدين زڪريا ملتاني،۴۱)

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اسان جا بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيهم اجمعين مسلمانن جي خيرخواهي ڪري انهن جي مشڪلات کي پري ڪندا هئا۔

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • دُرُود شريف جي فضيلت
    • خير خواهي
    • فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي هڪ خاندان جي فرياد رسي
    • شانِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه
    • مختصر تعارف
    • بُکايل ٻارن واري خاتون جي فرياد رسي
    • معذور، نابين، پوڙهي عورت جي مدد
    • خير خواهي جي تعريف
    • خيرخواهي جون فضيلتون
    • سيدُنا فاروقِ اعظم جي هڪ شرابي کي نصيحت
    • اَمير ِاهلسنت ۽ اُمّت جي خير خواهي
    • 12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”مدني مذاڪرو “
    • گناهن کان توبه ڪيائين
    • مقروض جي مدد
    • مسلمانن جي خيرخواهي
    • بيمارن جي عيادت
    • وڏي عمر وارن ماڻهن تي شَفقت
    • خيرخواهي جون مختلف صورتون
    • مدني بسته مجلس جو تعارف
    • مهمان نوازي جون سنتون ۽ آداب
    • ايندڙ هفته وارا اجتماع جون جهلڪيون
    • دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
    • اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون
    • ﴿1﴾ جمعه جي رات جو دُرُود
    • ﴿2﴾ سمورا گُناھ مُعاف
    • ﴿3﴾ رَحمت جا ستّر دروازا
    • ﴿4﴾ ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب
    • ﴿5﴾ قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
    • ﴿6﴾ دُرُود شَفَاعت
    • ﴿1﴾ هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون
    • ﴿2﴾ ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami